اليڪشن ڪميشن وارا سموري نظام کي بلڊوز ڪري رهيا آهن:اعظم سواتي

0
374
سينيٽر اعظم سواتي رمانڊ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن وارا سموري نظام کي بلڊوز ڪري رهيا آهن، پوءِ ته اسان به جذبات رکون ٿا، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن تي لڳايل الزامن بعد وفاقي وزير اعظم سواتي ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون.

اعظم سواتي چيو آهي ته سمورا ادارا شفاف چونڊون چاهين ٿا، اليڪشن ڪميشن پويان ڪهڙا ڳجها هٿ آئين جو شفاف چونڊون ٿيڻ نٿا ڏين، اليڪشن ڪميشن جي موجودگي ۾ ڌانڌلي ٿيندي رهي آهي، وقت اچي ويو آهي ته اليڪشن ڪميسن کي عوام، پارليامينٽ ۽ حڪومت اڳيان جوابده بڻائڻ گهرجي، چيف اليڪشن ڪمشنر اعظم سواتي جي الزامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو.

ھي به پڙھندا

اليڪشن ڪميشن سدائين ڌانڌلي ڪندي آهي، توهان دوزخ ۾ وڃو، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو: وفاقي وزير جا اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام