افغان پناهگيرن کي واپس سندن ملڪ موڪليو وڃي

0
234
پ پ جي خاموشي به ته رضامنديءَ ۾ شمار آهي!
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

ملڪ ۾ افغان پناهگيرن کي ترسائڻ وارو مدو هلندڙ مهيني جي 30هين تاريخ تي ختم ٿي رهيو آهي پر وفاقي حڪومت انهن کي واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ جي حوالي سان سنجيده ڪوششون ڪندي نظر نٿي اچي. هر سال حڪومت انهن جي رهڻ واري مدي ۾ واڌ ڪري ٿي ڇڏي ۽ اهي پرڏيهي پاڪستان ۾ ‘مستقل مهمان’ بڻيل آهن. هاڻي ته انهن جي اڪثريت قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن ۽ هن ملڪ جا شهري بڻجي ويا آهن. ڏوهن ۾ انهن مان گهڻن جي ملوث هجڻ جون ثابتيون سامهون اچي چڪيون آهن. توڙي جو اهي ملڪي وسيلن تي بار آهن پر وفاقي حڪومت انهن جي واپسي لاءِ تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي.

جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ قدرتي آفتون اينديون آهن، گهرو ويڙهه شروع ٿيندي آهي، شورش برپا ٿيندي آهي، يا ٻيون خطرناڪ حالتون پيدا ٿينديون آهن ته اتي جي شهرين جو ڪجهه تعداد سر بچائڻ لاءِ ٻين ملڪن ۾ پناهه وٺندو آهي ۽ وري جڏهن حالتون معمول تي اچي وينديون آهن ته انهن جي پنهنجي ملڪ ڏانهن واپسي ٿي ويندي آهي. ٻيو ته پناهگيرن کي رهائڻ جا به اصول آهن. انهن کي ڪئمپن ۾ ترسايو ويندو آهي، انهن جي باقاعدي رجسٽريشن ٿيندي آهي، انهن جي چرپر محدود هوندي آهي، کين ڪم ڪار لاءِ ورڪ پرمٽ جاري ٿيندي آهي، اهي شهريت حاصل ڪري نه سگهندا آهن، نه ملڪيت خريد ڪري سگهندا آهن، نه ئي وري انهن کي ان ملڪ جي شهرين جهڙا حق حاصل هوندا آهن، پر هتي ته ڳالهه ئي ‘اور’ آهي. سوويت يونين جي سهڪار سان افغانستان ۾ روس نواز حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ اتي آمريڪي ايجنڊا تحت افغان حڪومت خلاف ويڙهه شروع ڪئي ويئي، ‘وار لارڊز’ پيدا ڪيا ويا ۽ هڪ رٿابندي سان افغانين کي پاڪستان ۾ آندو ويو، جن مان تمام ٿورڙا ڪئمپن ۾ رهيا، باقي انهن جو وڏو تعداد وقت بوقت سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي پهچندو رهيو. اها ڳالهه به هاڻي ڳجهي نه رهي آهي ته انهن مان وڏي تعداد هن ملڪ جا شناختي ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن، پلاٽ خريد ڪيا آهن، ملڪيتون خريد ڪيون آهن ۽ ڪاروبار شروع ڪري هتي مستقل سڪونت اختيار ڪري ورتي آهي. انهن ڪراچيءَ ۾ نيون وسنديون وسايون آهن، جنهنڪري نه صرف هتي جي وسيلن تي بار پيو آهي، پر شهر جي ڊيموگرافي به تبديل ٿي وئي آهي. ايتري قدر جو آباديءَ جو توازن به متاثر ٿيڻ لڳو آهي. هاڻي ته انهن جون ايتريون ته وسنديون قائم ٿي ويون آهن، جو سنڌ جي چونڊيل ايوان ۾ به انهن جو آواز گونجڻ لڳو آهي. ملڪ جا ادارا ڏوهن ۾ افغانين جي ملوث هجڻ، هٿيارن جي وڪري ۽ دهشتگرديءَ جي وارداتن ۾ انهن جي ملوث هجڻ جون رپورٽون ڏيئي چڪا آهن. افغانين جو گهڻو تڻو بار سنڌ تي ئي آهي. هن ملڪ جا واڳ ڌڻي اقوام متحده طرفان پناهگيرن جي نالي تي فنڊ مهيا ٿيڻ سبب هتي افغانين کي مستقل مهمان بڻائي ويٺا آهن. سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ افغانين کي وسائڻ ۽ انهن جا شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ۾ ڪي ڌريون سهڪار ڪنديون رهيون آهن ته جيئن سندن ووٽ بينڪ وڌي. ڪجهه ڪرامتون وري سڪا رائج الوقت ڏيکاريندو رهيو آهي. اڳ ۾ به نادرا عملدارن جي ڪوڙن شناختي ڪارڊن جي ٺاهڻ واري ڪاروبار ۾ ملوث هجڻ جون خبرون آيون هيون ۽ جاچ بعد ڪيترائي عملدار/ملازم قانون جي گرفت ۾ پڻ آيا هئا پر اهو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي. هن ڀيري اهو ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته وفاقي حڪومت افغان پناهگيرن کي واپس افغانستان موڪلڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان ويچاري رهي آهي ۽ اهڙيون خبرون ايندي ئي افغانين جي لڪي وڃڻ/گم ٿيڻ جون پڻ خبرون رپورٽ ٿيون آهن.

سنڌ غير قانوني طور تي ترسيل ڌارين جو بار ڀوڳي رهي آهي. هڪ اندازي موجب ملڪ ۾ چاليهه لکن کان وڌيڪ افغاني، برمي، بهاري، بنگالي ۽ ٻيا غير قانوني طور تي هتي ترسيل آهن، جن مان گهڻا سنڌ ۾ ۽ خاص طور تي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا، پر حڪومت انهن کي تڙڻ لاءِ تيار ناهي. اسان وفاقي حڪومت کان اها گهر ٿا ڪريون ته افغان پناهگيرن جي پاڪستان ۾ رهڻ واري مدي ۾ واڌ نه ڪئي وڃي ۽ انهن کي واپس پنهنجي وطن موڪليو وڃي. هاڻي ته اتي ڪابه گهرو ويڙهه ڪانهي، حالتون معمول تي اچي ويون آهن ته پوءِ انهن کي مستقل مهمان بڻائي رکڻ جو آخر جواز ئي ڪهڙو آهي؟ جن افغانين هن ملڪ جا قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ورتا آهن، اهي رد ڪري کين واپس موڪليو وڃي.