ڪراچيءَ جو قيدي!

(حصو ٽيون)

مون وڪيل نديم الحق جو به نمبر هڪ قيدي جي وارث کان ڦٽيءَ تي لکرائي ڏيندي چيو ته ڪا به قانون گھُرج هجي ته هن سان رابطو ڪجانءِ، مون ننڍڙي ڇوڪريءَ جي پڇا ڪيم ٻڍڙي امان ٻڌايو ته هوءَ رشيد جي ڌيءُ آهي جنهن تي تمام گھڻي کِل آئي، ڇو جو اُها ٻارڙي رشيد گرل فرينڊ جي ڌيءُ هئي. ملاقات کان پوءِ جميل بيٽر سان ملاقات ڪيم جنهن چيو ته رشيد جيئن ئي آيو ته توهان ڏي ئي روانو ڪري ڇڏيندس. ياد رهي ته جميل بٽير جيل ۾ قيدين کان پئسا وغيره وٺي جيلر احسان مهر کي ڏيندو آهي ۽ احسان کان اهي پئسا حسن سهتو کي ملندا آهن ۽ ان کان اڳيا جي وري سڀن کي خبر آهي، رشيد جي گھران آيل ماني سموري سنگت کي کارائي رشيد جو حصو رکي ڇڏيم ته جيئن ئي ٿاڻي وارا هُن کي آڌيءَ مانجھيءَ جيل روانو ڪن ته هُن کي گھر جي ماني ئي نصيب ٿئي. اقبال هاليپوٽو (پڪن قيدين جو جيلر) پنهنجي آفيس ۾ گھرائي ٿو، هُن کي چيم ته منهنجي آزادي ٺهي ٿي توهان ڇاٿا چئو؟ هُن چيو ته تنهنجو GCR جيلر شڪيل بيگ خراب ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي آئون درست نٿو ڪري سگھان، مون چيو ته جي پاڻ اهو مسئلو آءِ جي صاحب جي اڳيان رکون ته؟ هُن چيو ته آئون في الحال هاءِ ڪورٽ جي ڪمن ۾ ڦاٿل آهيان، آئون جيئن ئي فري ٿيندس پاڻ آءِ جي کي ايپليڪيشن هتان کان موڪلينداسين، رات جو دير تائين ڏيٿي جو انتظار ڪيم پر هو ڪونه آيو، مون هُن جو ۽ پنهنجو مانيءَ جو حصو سپاهي کي ڏئي ڇڏيو. شايد هُن جي بنا اها ماني منهنجي نڙيءَ مان ڪونه لهي ها.(07 مئي 2023). رات وار يپهريداري شريف جکراڻيءَ سان تمام گڻي ڪچهري ٿي، هو رات جو علي جان مگسي نالي ق3دي سان به ملي آيو ۽ مون کي اچي ٻڌايائين ته تو وارو مائٽ اڃا تائين جيل ناهي آيو، هن چيو ته علي جان اِهو به چئي رهيو آهي ته آصف ڇلگري ۽ احسان صاحب پاڻ ۾ ٽڪريل آهن، آصف مهر کي ڪورٽ ۾ ڇڪرايو هو، ممڪن آهي ته آصف کي تنگ ڪرڻ جي لاءِ احسان صاحب هن جو دوست ۽ مائٽ هُن کي نه ڏئي. مون سپاهيءَ کي چيو ته ايترو ئي جي احسان مون تي ڏمريل آهي ته پوءِ مون کي پنهنجي آفيس ۾ ڇا لاءِ فون وغيره ڪرائڻ لاءِ گھرائيندو آهي؟ ياد رهي ته علي جان نالي احسان جو اهو مشتقتي ٽاور تي هوندو آهي ۽ ان جو ڪم قيدين تي تشدد ڪرڻ آهي. علي جان مگسي پاڻ سبي شهر جو آهي ۽ هاڻ ان جي سزا به ختم ٿيڻ واري آهي، تنهن لاءِ جکراڻي سپاهين کي چئي منسٽر اعجاز جکراڻي صاحب کان فون ڪرائي آزاد ٿيڻ ٿو گھري پر ان احسان جي پالتو کي اها خبر ناهي ته تشدد، مظلومن تي ڪندڙ ايتري سولائيءَ سان آزادي ناهن ماڻي سگھندا.(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/ 4B بند وارڊ، سينٽرل جيل ڪراچي

ٻولهاڙي جي پاڻي تحريڪ بابت ڪجهه حقيقتون!

آئون عبدالستار لھر ۽ منهنجي بردبار باھمٿ باڪردار ٽيم جيڪي پاڻي لاءِ جاکوڙ ڪندا پيا اچون اھا جاکوڙ ڪا اڄوڪي ناهي، اسين لاڳيتو پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي عملي ميدان ۾ آھيون، اسان تي ڪجهه فيس بُڪي دانشور جيڪي گھر ويھي ڦوڪون ڏيندا آهن، جن ڪڏهن اسان جو ساٿ ته نه ڏنو آهي ابتو اسان تي ٺٺوليون ڪندا آهن، اسين انهن سڀني کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اسين وڪامڻ وارا يا جھڪڻ وارن مان ناهيون، ڪجهه ڏينهن برسات جي ڪري اسين ٿورو ڊسٽرب ضرور ٿيا آهيون پر به اسين پوئتي نه هٽيا آهيون، جيئن ڪو ننڍو ٻار روئيندي روئيندي چپ ٿي ويو ته ڪنهن پڇيو چپ ڪيائين، ٻار چيو نه ساھي پٽي وري روئيندس. ايئن ئي اسين خاموش نه ويهنداسين، انشاءُالله ھاڻ اسان جي منزل ويجهي آهي، اھو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان انهن اختيار ڌڻين کي مجبور ڪري پنهنجو حق پاڻي وٺنداسين، باقي لکڻ جو مقصد جيڪي ساٿ نٿا ڏين ته مھرباني ڪري گھٽ ۾ گھٽ اسان جو حوصلو نه ٽوڙين! ڇو جو اسين انهن جي حصي جي به جنگ وڙھي رھيان آھيون، ڳالهه ڪوريج جي نه آهي اھا صحافي ڀائرن جي مرضي آهي، ۽ اسان لاءِ روزاني پنهنجي اخبار جي پنهنجن جون چٽيون وارو صفحو به ڪافي آهي، ھن اھم مسئلي تي اسين ئي وڙھندا پيا اچون، ٻيا سڀ خاموش ٿي ويا آهن، خدا جو قسم اسان کي ڪوريج جي بک ناهي، اسين مايوس نه ٿينداسين، مائي جندوءَ کي ان دور ۾ انصاف مليو، جنهن دور ۾ سوشل ميڊيا جو تصور ئي ڪونه ھو پر پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا به ايتري آزاد ڪو نه ھئي، ڇا اسان ھن جديد دور ۾ پاڻي نه وٺي سگھنداسين؟ ڳالهه ھوندي آهي سچائي جي، اھا الحمدالله اسان ۾ آهي، باقي پاڻيءَ جي مسئلي تي ڪو ٺاهه نه ڪبو، پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ سر ھليو وڃي فرق نه پوندو، اسان پوئتي نه هٽنداسين، (جو پير ھٽي سو پير ڪٽي، ھي خوف به تاري رکڻو آ جو وک وڌي سو لال لڌي، ھي جوش به جاري رکڻو آ) ايم سي ٻولھاڙي جي عوام لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ اسين ڏينهن رات ميدان عمل ۾ آھيون. انشاءُالله ھڪ ڏينهن اسين ضرور ڪامياب ٿينداسين ۽ ٽينڪر مافيا جي راڄ کي ختم ڪري پاڻي لائينن وسيلي وٺنداسين. ايم سي ٻولھاڙي جي باشعور عوام توهان جي به ٿوري ساٿ جي ضرورت پوندي، خوف جي بت کي ٽوڙي اڳتي نڪري پئو. ان سلسلي ۾ ڪنهن چڱي جو اردو شعر آهي ته:

وہ مرد نہیں جو ڈر جائے حالات کے خونے منظر سے، جس دور میں جینا مشکل ہو، اُس دور میں جینا لازم ہے۔

عبدالستار لھر/ ٻولھاڙي

گمبٽ ۾ ايل سي ايف معذورن جو ادارو!

انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ کوڙ سارا ادارا اين جي اوز ڪم ڪن ٿيون پر معذورن لاءِ تمام گهٽ ادار ڪم ڪن ٿا، اهڙو ئي سٿ دوستن جو جنهن سوچيو ته معذورن کي پنهنجا حق نٿا ملن، انهن جي به زندگي آھي، هنن اهو پروگرام شروع ڪيو، جيڪو 2019ع کان شروع ٿيو، ڪافي ڏکيائيون هيون پر پوئتي نه هٽيا، هنن “دي لائيف چينجنگ فائونڊيشن” هڪ تنظيم ٺاهي جنهن در در وڃي سروي ڪئي ته هن علائقي ۾ معذور ڪيترا آھن؟ انهن جي مسئلن کي ڪيئن حل ڪجي، مختلف اين جي اوز سنڌ گورنمينٽ سان سهڪار ڪيو، گڏجي ڪم ڪيو، هنن پوري سنڌ کي پنهنجو محور بڻايو. ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ خيرپور سميت مختلف علائقن ۾ معذور بابت سيمينار ڪرايا “معذور ماڻھن لاءِ مفت شناختي ڪارڊن جون ڪئمپون لڳرايون” جتي اسپيشل ماڻھن جو ميڊيڪل بورڊ لڳرايو، ايئن نادرا جي ٽيم شناختي ڪارڊ پڻ ٺاھيا جيڪي بلڪل فري هئا گمبٽ ڪئمپ تي پيپلزپارٽي ضلعي خيرپور جو وائس چيئرمين سيد فهد علي شاھ اسٽيپ فائونڊيشن چيئرپرسن شائسته کوسو، شهاب فائونڊيشن جي چيئرپرسن صنم راڄپر، ضلعي ڪائونسلر حاجي عباس راڄپر، چيئرمين يوسي بالا سيٺارجا ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي، ڪولاب جيئل چيئرمين اظهر حسين ابڙو، دي لائيف چينجنگ فائونڊيشن جي وائس چيئرمين اياز سهتو، سماجي ڪارڪن سڪينه ڄامڙو، علي محمد سروهي ۽ رضا راڄپر ڪئمپ تي پهچي تفصيلي دورو ڪيو. NOWPDP تنظيم سان ملاقاتون ڪيون، جيڪا پڻ پوري پاڪستان ۾ معذورن تي ڪم ڪري رهي آھي، جتي هنن پنهنجا تاثر پڻ ڏنا، معذورن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ هي ادارو تمام تيزيءَ سان غريب خاص ڪري معذورن کي سڃاڻپ، صحت جو سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. اِهو ئي سبب آھي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري معذورن کي سهولتون فراهم ڪري رهيا آھن. گمبٽ ۾ معذورن لاءِ ڪئمپون، سيمينار منعقد ڪيا آھن، ان سلسلي ۾ گمبٽ ۾ معذور جيڪي ٻڌڻ جي سگهه کان محروم آھن، پيٿالاجسٽ جو مسئلو آھي، انهن کي ڊاڪٽر چڪاسيو، خيرپور جو جيڪو بورڊ آھي انهن ۾ ايم ايس خيرپور، ڊاڪٽر مهتاب شاھاڻي، ڊاڪٽر آصف خاصخيلي سميت پوري بورڊ پاڻ نڀايو، 200 کان مٿي معذورن جا سرٽيفڪيٽ ٺاهيا، جن کي نادار پاران سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا، هنن جو مقصد معذور ماڻهن کي انھن جو بنيادي حق سڃاڻپ مھيا ڪرڻ آهي ته جيئن حڪومت جون سهولتون حاصل ڪري سگھن.

رضا راڄپر/ راڻيپور

نياڻي سان انصاف ڪيو!‎

واهي پانڌي اسپتال ۾ نرس سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ مک جوابدار ماجد گرفتار نه ٿيو، نياڻي پاران آءِ جي سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان انصاف جي اپيل ڪئي وئي آهي، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته واهي پانڌي نياڻيءَ سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا آهن، نرس کي تنگ ڪندڙ جوابدار پوليس کان ڏاڍا آهن! قوم جي مظلوم نياڻي خير النساءِ رستماڻي پاڪستان جي اعليٰ عدالتن کان، وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف، پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي، جوابدارن کي گرفتار ڪري کين جوڳي سزا ڏني وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو