افغان طالبان 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 13 ضلعن تي قبضو ڪري ورتو

0
450

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) افغانستان ۾ طالبان ۽ افغان فورسز جي وچ ۾ ويڙھ شدت اختيار ڪري وئي آھي، غير ملڪي خابرو اداري موجب طالبان 24 ڪلاڪن دوران افغانستان جي وڌيڪ 13 ضلعن تي قبضو ڪري ورتو آھي، ميڊيا رپورٽس موجب ھن وقت تائين ڪابل ۽ 34 صوبائي گادي وارن ھنڌن کانسواءِ 372 ضلعن مان 110 تي طالبان قبضو ڪري ورتو آھي، ٻئي پاسي افغان دفاع واري وزارت دعويٰ ڪئي آھي تھ 24 ڪلاڪن ۾ سيڪيورٽي فورسز جھڙپن جي دوران 224 طالبانن کي ماري ڇڏيو آھي.