ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي ڀرسان شھزاد پيٽرول پمپ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪلن تي سوار 3 چڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ڳوٺ نبي شاهه واسي واجد گبول ۽ ڳوٺ ڳاڙھو دڙو جا رهواسي رميش ڪمار اوڏ ۽ منظور اوڏ شامل آھن، جن کي علاج لاءِ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو.