مدئجي (ن پ ا) مدئجي ڀرسان ٽن روڊ حادثن ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڊکڻ مدئجي لنڪ روڊ تي رڪشا ۽ موٽرسائيڪل جو مينهن سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف مزدوري ڪندڙ پورهيت عبدالمجيد ٽرالي تان ڪري زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ڳوٺ ترائي واسي اسڪول کان واپس ويندڙ معصوم نينگر اوشاق چنو کي نامعلوم موٽر سائيڪل ٽڪر هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.