اشو آف دي ڊي … ڪچي ۾ ڌاڙيلن پاران مغوين جي نياڻين کي گھرائي جنسي زيادتيون ڪري وڊيو ڊارڪ ويب تي وڪرو، سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل

0
184

 ڪچي ۾ ڌاڙيل مغوين جي نياڻين ۽ گھر وارين  کي گھرائي انھن سان جنسي زيادتيون ڪري وڊيو ڊارڪ ويب تي فروخت ڪن ٿا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اهڙو انڪشاف ٿيو، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي به اهڙي معاملي تي ردعمل شروع ٿي ويو، ان حوالي سان امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيل مغوين جي نياڻين ۽ گھر وارين  کي گھرائي انھن سان جنسي زيادتيون ڪري وڊيو ڊارڪ ويب تي فروخت ڪن ٿا، جنهن تي شيربانو ڪاڪا لکيو ته افسوس صد افسوس، اها ته خراب ترين حرڪت آهي.. حڪومت ۽ عدالت لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي.. هاشم کوسو لکيو ته تمام خراب ۽ افسوسناڪ صورتحال آهي، شازيا شاهه لکيو ته ھي آھي اسان جي سنڌ، هارون آذر لکيو ته جيڪي ڊارڪ ويب جي بزنس کي سمجهن ٿا اهي روايتي ڌاڙيل ته نٿا ٿي سگهن. نجمه پنهور، شيدي شهناز لکيو ته سخت افسوس آهي، رشيد چانڊيو لکيو ته سنڌ ۾ عورتن لاءِ اها تمام خطرناڪ صورتحال آهي، لالا رحمان لکيو ته مسئلي جو عبوري حل ڇا آھي ۽ مستقل حل ڇا آھي، مارئي سومرو لکيو ته الائي ڪٿي آ قانون؟ سفير نظاماڻي لکيو ته تمام خطرناڪ صورتحال آهي، نويد سنديلو لکيو ته شرمناڪ ۽ افسوسناڪ آهي، ناصر جمال پٺاڻ لکيو ته سخت ايڪشن جي ضرورت آهي، مير حاجن مير به افسوس جو اظهار ڪيو، حامد خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيل مغوين جي نياڻين ۽ گھر وارين  کي گھرائي انھن سان جنسي زيادتيون ڪري وڊيو ڊارڪ ويب تي فروخت ڪن ٿا، ھاءِ ڪورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي، ھن وقت ايترو ته ماحول خراب ٿي چڪو آهي، عام شهري محفوظ ناهي، قتل،چوريون ڦرون، زنا، اغوا، بدمعاشي روز جو معمول بڻجي ويو آهي، ھاڻي اسان جا علائقا ڌاڙيلن بدمعاشن ڦورن جي حوالي ٿي ويا آهن، غريب مسڪين ماڻهن جو الله حافظ…عابد حسين ٻٻر پوسٽ شيئر ڪئي ته هاءِ ڪورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيل مغوين جي نياڻين ۽ گھر وارين  کي گھرائي انھن سان جنسي زيادتيون ڪري وڊيوز ڊارڪ ويب تي وڪرو ڪن ٿا، جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏنا ته اغوا برائي تاوان انڊسٽري بڻجي چڪي آھي وڏا ماڻھو ملوث آھن،علي رضا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  سکر سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ ۾ امن امان جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي،عدالت پاران رمارڪس ڏنا ويا ته آءِ جي سنڌ پهتو آهي پر ايس ايس پي نوشهروفيروز ناهي پهتو، عبدالقيوم پتافي کي اڄ ئي هٽايو وڃي، جسٽس صلاح الدين پنهور جو چوڻ هو ته سکر ۾ 3100 اهلڪارن مان1600 وي وي آءِ پي پروٽوڪول تي مقرر  آهن،  آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته ايس ايس يو جو رول آهي ته اها وي وي آءِ پي پروٽوڪول ۽ عمارتن تي مقرر هوندي، ان تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته هتي هر شئي رڳو وي وي آءِ پيز جي لاءِ آهي، عام ماڻهن جي لاءِ ڪجهه به  ناهي جسٽس صلاح الدين پنهور جو چوڻ هو ته ڇوڪريون اغوا ۽ ريپ ٿيندا رهن، پر ايس ايس يو جوان صرف وي وي آءِ پي ۽ ميچن تي مقرر هجن، وي وي آءِ پي ذاتي گارڊ رکي سگهن ٿا،  ايس ايس يو جوان سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڇو  مقرر نٿا ٿي سگهن، اسان کي ٽن مهينن لاءِ آرمي، رينجرز سميت بهترين فورس گهرجي، ممتاز چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪچي ۾ ڌاڙيل مغوين جي نياڻين ۽ گھر وارين  کي گھرائي انھن سان جنسي ذيادتيون ڪري وڊيوز ڊارڪ ويب تي وڪرو ڪن ٿا، اغوا برائي تاوان انڊسٽري بڻجي چڪي آھي وڏا ماڻھو ملوث آھن، ناصر جمال جي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اعجاز سنڌي لکيو ته  ڪنڌ شرم کان جهڪيل آهي.، حميدالله سومرو ۽ جاويد شيخ به ردعمل ڏنو، سوجهرو سنڌي لکيو ته هي ته تمام خطرناڪ ڳالھ آھي، علي رضا لکيو ته ڇرڪائيندڙ خبر آهي، نور احمد شيخ، ديپڪ باغي، شفيق نظاماڻي، محبوب شيخ ۽ هيمراج راٺي به افسوس جو اظهار ڪيو، گلشن بجاراڻي لکيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيل مغوين جي نياڻين ۽ گھر وارين کي گھرائي انھن سان جنسي ذيادتيون ڪري وڊيو ڊارڪ ويب تي فروخت ڪن ٿا، ھاءِ ڪورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي، جنهن تي ممتاز علي پهوڙ لکيو ته اھڙن بيغرت ڌاڙيلن کي ٻڏي مرڻ کپي، علي باجڪاڻي لکيو ته اھا ڊارڪ ويب ڇا آهي ۽ ڌاڙيل ايڏا پڙھيل لکيل آهن؟ آءِ ٽي ايڪسپرٽ آهن جو اھڙن جديد سائيٽس تي وڊيوز اپلوڊ به ڪن ٿا ۽ ٻاھرين ملڪن مان ناڻو به ڪمائن ٿا؟ اھا ڳالھ تمام گھري آهي، احمد بلوچ لکيو ته بليڪ ڊارڪ ويب سائيٽن تائين ڪچي جي ڌاڙيلن جي سڌي ريت ته رسائي نا ممڪن آھي ڇو ته انھن وٽ انٽرنيٽ جي اسپيڊ ايتري ڪونھي، بليڪ ڊارڪ ويب لاءِ تمام بھترين انٽرنيٽ جو سيٽپ ھجي آخر ھن منافع بخش ڪاروبار جي پويان ڪنھن جا ھٿ آھن ؟ احمد بلوچ لکيو ته ڪنهن وڏيري جي سازش آهي، شهريار علي لکيو ته ڊارڪ ويب کي استعمال عام ماڻھو نٿو ڪري سگھي .. ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪافي Requirments آھن. اگر اھي ڪچي وارا استعمال ڪن ٿا ته پوءِ پڪي وارن جو به ساٿ آھي… رفيق چنا، غلام حيدر، پرويز رضا کوسو به افسوس جو اظهار ڪيو، غلام ياسين لکيو ته الله کانئن ضرور پڇندو انھن کان،بيوس ۽ لاچار انسانن جي مجبورين کان ناجائز فائدو وٺن ٿا…ڪي بي خان بلوچ، ايم عظيم نندواڻي، ايم ڪي آدم، رسول بخش بلوچ به ردعمل ڏنو، محب باجڪاڻي لکيو ته پڪي وارن جي ساٿ کانسواءِ ڪچي وارا 15 ڏينهن به رهي نه ٿا سگهن.نورالبشر، حسيني آصف علي، خالد حسين ميراڻي به افسوس جو اظهار ڪيو.