لاهور(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ سپر ليگ جي ٽيبل تي پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ سپر ليگ جي پوائنٽس ٽيبل تي انگلينڊ جي ٽيم پهرين نمبر تي اچي وئي آهي. واضح رهي ته انگلينڊ بنگلاديش کي ٻي ون ڊي ۾ شڪست ڏئي ٻيهر پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. 26 نومبر تي ڀارت ۾ شيڊول آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان سميت 7 ٽيمون ڪنفرم ٿي چڪيون آهن. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل رينڪنگ موجب انگلينڊ جي ٽيم 155 پوائنٽس سان گڏ پهرين نمبر تي پهچي وئي آهي. نيوزيلينڊ جي پوائنٽس جو انگ 150 ۽ پوزيشن ٻي آهي، ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ميزبان ڀارتي ٽيم 139 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي. پاڪستان 130 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي آهي. آسٽريليا پنجين، بنگلاديش ڇهين، افغانستان ستين نمبر تي موجود آهي. ويسٽ انڊيز، ڏکڻ آفريڪا، سريلنڪا، آئرلينڊ، زمبابوي ۽ نيڌرلينڊ کي ورلڊ ڪپ ۾ جاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جدوجهد ڪرڻي پوندي. 10 ٽيمن تي مشتمل هي ورلڊ ڪپ 2019ع جي فارميٽ تي کيڏيو ويندو.