اشو آف دي ڊي سينگار نوناري کي آزاد ڪريو: سوشل ميڊيا تي مطالبو

0
514

سوشل ميڊيا تي سينگار نوناري جي آزادي لاءِ رليز سينگار نوناري هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو، ان سلسلي ۾ راجا ريحان لاشاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي ليبر سيڪريٽري ۽ شهري اتحاد نصيرآباد جي اڳوڻي صدر، ڪائونسلر سينگار نوناري کي قانون نافذ ڪندڙ ادارا پهنجي ئي رهائشگاھ تان تشدد ڪري گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري کنڀي کڻي ويا، محسن رند تصوير شيئر ڪندي لکيو ته معصوم گل جهڙي ٻارڙي کي ماءُ جيان هنج ۾ کڻي بيٺل هن سماج سڌارڪ انسان جو ڪهڙو ڏوهه جو کيس بنهه ڪنهن قانوني پورائي ۽ چادر چوديواري جي تقدس جي ڀڃڪڙي ڪري رات جي انڌيري ۾ پنهنجي پيارن کان زوري کسي گم ڪيو ويو آهي ڇا هتي قانون ۽ آئين جي هاڻي ڪا به حيثيت يا عملداري ناهي بچي جو جنهن کي به جتان به اچي ٿو اتان کڻي کنڀي گم ٿو ڪيو وڃي، اهو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي توهان پنهنجي ئي ٺاهيل آئين ۽ قانون کي عزت ڏيو ڪامريڊ سينگار نوناري کي آزاد ڪريو، شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اٻوجهه ماڻهن جي سينگار کي آزاد ڪريو،غلام مرتضيٰ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ سينگار نوناري کي جبري گم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا سينگار نوناري پر امن سياسي ڪارڪن آهي فوري طور آزاد ڪيو وڃي بنا ڪنهن ڏوھ جي گرفتاري بعد گم ڪرڻ انساني حقن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي جيڪڏھن مٿان ڪو ڪيس آهي ته عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، جي ايم راهو، نديم راهو به سندس آزادي جو مطالبو ڪيو.سارنگ جويو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عوامي ورڪرز پارٽي جي سينيئر ساٿي ۽ سياسي سماجي اڳواڻ ڪامريڊ سينگار علي نوناري کي رات 04 وڳي نصير آباد مان چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري کنڀي کڻي ويا، جبري گمشدگيءَ جي مذمت ڪريون ٿا ۽ سندس فوري طور آزاديءَ جو مطالبو ڪريون ٿا. محرم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قمبر ضلعي ۾ بحريا ٽائون خلاف ڀرپور عوامي جدوجهد ڪندڙ عوامي ورڪز پارٽي جو اڳواڻ ۽ پي ايس17 تي پ پ اميداوار سان اليڪشن ۾ زبردست مقابلو ڪندڙ ڪامريڊ سينگار نوناري کي آزاد ڪيو وڃي. ايم صفر گوپانگ، راجا ريحان لاشاري، بخش علي چانڊيو، عرفان منان، ساحل سڪندر، محمد صديق بابو خاصخيلي، ربڏنو شاهه به سينگار جي آزادي جو مطالبو ڪيو، نورحسين سولنگي، ڪامريڊ امان الله چانڊيو، ابراهيم چانڊيو، جبار آزاد منگي، حريف چانڊيو، نور نبي راهوجو،فاروق سومرو، ماجد چانڊيو، امتياز ڀرڳڙي، نثار ٻرڙو، جئي ڪمار، خان غفار خان، هريش آهوجا، منظور شاهه، مٺل ڪلهوڙو، سنجها چنا، اسد ممتاز رڏ، عابد چنا، بلقيس بالي، نثار لغاري ۽ ٻين پڻ سينگار نوناري جي آزادي جو مطابو ڪيو.مسرور شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عوامي ورڪرز پارٽي نصيرآباد جي اڳواڻ ڪامريڊ سينگار نوناري کي جبري طور گم ڪرڻ واري عمل جي پورهيت مزاحمت سخت لفظن ۾ مزمت ڪري ٿي. ڪامريڊ سينگار نوناري هڪ پرامن ترقي پسند سياسي ڪارڪن آهي. کيس فوري طور تي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي.پورهيت مزاحمت ڪامريڊ سينگار جي گمشدگي خلاف جدوجهد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي سان گڏ آهي .جنهن تي شخل خان کوسو لکيو ته انصاف دايو ٽن سالن کان گم آهي ان لاءِ ڪير احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،اسد نظام چانڊيو، ماجد ٻگهيو، عزير هنڱورجو، بلال ڀرڳڙي، عمران رحيم،جاويد سولنگي، سمن رحيم، علي احمد، راشد نوناري، رضا عباس، قربان عالماڻي، به سينگار نوناري کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو