سوال/سروي پاڻي، بجلي ۽ گيس جو بحران هٿرادو قرار، حڪمران ناڪام ٿي چڪا آهن: عوام

0
306

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ملڪ ۾ هڪ ئي وقت گيس، بجلي ۽ پاڻي جو بحران ٿي ويو آهي صنعتن ۽ پاور پلانٽ جي به گيس بند، ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پاڻي، بجلي ۽ گيس جو بحران هٿرادو آهي، حڪومت عوام کي رليف بدران رڳو بحران ڏنا آهن، حڪمران ناڪام ٿي چڪا آهن، پاڻي، بجلي ۽ گيس جو بحران ختم ڪيو وڃي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي آسودمل لوهاڻا لکيو ته هٿرادو بحران پيدا ڪري عوام کي پريشان پيا ڪن، علي مراد جوکيو لکيو ته صورتحال ڪافي پريشان ڪندڙ آھي، پاڪستاني عوام بنيادي سهولتن کان به محروم ٿيندو پيو وڃي، گيس جو بحران بجلي جو بحران پاڻي جو بحران هاڻ عوام ڪھڙي ڪهڙي بحران کي منهن ڏئي؟ غلام محمد لکيو ته مافيائون نٿيون چاهين ته ملڪ ترقي ڪري، جتيش لکيو ته هي ملڪ الائي ڪھڙن مشڪرن جي هٿ ۾ اچي ويو آهي، عبدالنبي شر لکيو ته تبديلي سرڪار غريب عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، خادم گهراڻو لکيو ته ملڪ ۾ تمام گهڻي گيس آهي هي بحران هٿرادو آهي بجلي ته سنڌ ۾ آهي ڪونه، گل حسن لکيو ته هڪ ئي وقت وقت بحرانن جو ڪر کڻن ڳڻتي جوڳو آھي، عبدالقدير جوڻيجو لکيو ته وفاقي حڪومت سنڌ کي بلڪل نظر انداز ڪري رهي آهي ان ڪري سنڌ سميت سمورو ملڪ گئس بجلي ۽ پاڻي جي بحران کي منهن ڏيئي رهيو آهي، شهمير مهر لکيو ته عمران خان جي ٽيم ناڪام آھي، عرض محمد پيرزادو لکيو ته عوام کي بيوقوف پيا ڪن، عمر پنهور لکيو ته رشوت لاءِ هر شيءِ بند ڪئي اٿن، منيش واسو لکيو ته ملڪ ڪرپشن جي ور چڙھي ويو آھي، طارق باجڪاڻي لکيو ته تنگواڻي ۾ گيس سان گڏ بجلي به ناهي، جنيد زرين جمالي لکيو ته هٿرادو کوٽ آهي، گيس، پاڻي جون لائنون ڀڳل آهن انهن جي مرمت نٿي ڪئي وڃي، آسن داس لکيو ته سنڌ ۽ وفاق سرڪار اهو هٿرادو ٿيل بحران ختم ڪري، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته هٿرادو بحران سبب ماڻهو پريشان آهن، جاويد هڪڙو لکيو ته ملڪ ۾ نه رڳو سنڌ ۾ پاڻي بجلي گيس جو بحران ڪيو ويو آهي، بشير ميراڻي لکيو ته تبديلي سرڪار ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت هنن جي وس جي ڳالهه ناهي، محمد اشرف لکاڻي لکيو ته هنن کي عوام تي اڃا به مهانگائي جو بم ڪيرائڻو آهي، راول راجستاني لکيو ته صورتحال ڏاڍي خراب آهي، اين اي بلوچ لکيو ته هٿرادو کوٽ ڪئي وئي آهي، يعقوب کوسو لکيو ته تلهار ۾ گيس ۽بجلي هڪ ئي وقت بند ٿيندا آهن ، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته رڳو ڪلاڪ لاءِ بجلي ملي ٿي، يونس بلوچ لکيو ته پاڪستان ۾ گئس جي کوٽ ناھي. پر ھي مافياز جو ڪمال آهي، سڪندر علي لکيو ته صورتحال اڳ کان خراب ٿيندي پئي وڃي ڪير پڇڻ وارو نه آهي.ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته سنڌ ۾ اهڙا بحران اڳ ٿيندا رهندا آهن ملڪ ۾ جيڪا شئي موجود آهي انهي جو هٿرادو بحران ڪري سرڪار ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهي، مظفر بوزدار، امير نظاماڻي ۽ شبير کوکر، عليشه ميمڻ، عبدالستار سهرياڻي پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، حبيب راڄپر لکيو ته ملڪ کي هڪ وڏي تباهي ڏانهن ڌڪڻ جي سازش آھي، توفيق لنڊ لکيو ته هي حادثاتي حڪومت سڀ شيون بند ڪيون آهن، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته وفاقي حڪومت جي ناڪامي آهي، عبدالڪريم مغيري لکيو ته ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪن پيا، لکيو ته وحيد ڄامڙو لکيو ته ملڪ اندر گئس جي ھٿرادو کوٽ آھي پاڻي ۽ بجلي جو بحران پيدا ڪري عوام کي پريشان ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ سرڪار عوام کي رليف بدران رڳو بحران ڏنا آهن. امتياز جمالي لکيو ته هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي پئي وڃي، عثمان پنهور لکيو ته حڪومت کي ڪا ڳالهه ئي سمجهه ۾ نٿي اچي. اڪرم علي خان، عبداللطيف، شيراز چانگ، حبيب الله عمراڻي، موهن لال، سڪندر بلوچ، عبدالله ميراڻي، نعيم شر، سينگار علي، اصغر حسين، شاهد شر به سروي ۾ حصو ورتو، احسان سومرو لکيو ته وفاقي حڪومت غريبن جا لاھه ڪڍي ڇڏيا آھن، همٿ علي چانڊيو لکيو ته حڪمران ناڪام ٿي چڪاآھن، عبدالرحمان چانگ لکيو ته پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي.