اشو آف دي ڊي سيالڪوٽ واقعو: سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
153
اشو آف دي ڊي سيالڪوٽ واقعو: سوشل ميڊيا تي ردعمل

 سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن فيڪٽري مالڪ کي توهين مذهب جي الزام هيٺ تشدد ڪري مارڻ کانپوءِ لاش به ساڙڻ واري واقعي تي سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو، واقعي جي مذمت ڪندي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. رخسانه پريت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آواز   ملايو   ته  ڪو  آواز   اٿاريون، ڪنھن درد جي وائيءَ جي وراڻي نه ٿي وڃون. دل کي ڌوڏيندڙ ۽ روح ۾ روڻيون وجھندڙ ،  سيال ڪوٽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي.  ڪنھن به قسم جي جنونيت جي باھ کان انسانذات کي بچايو وڃي.ھھڙي  انتھا پسنديءَ جا حامي ۽ مددگار ھن سرزمين تي انسانيت جا  قاتل آھن.

ھنن اگنيون آڇي خاڪ ڪري ڇڏيل انساني وجودن جون ڪيھون تاريخ ۾ صدين تائين گونجنديون ۽ انصاف جي تقاضا ڪنديون !، جنهن تي ڪي ڊي خان چانڊيو لکيو ته انسانيت لڄي ٿي وئي، اسحاق انصاري لکيو ته انسانيت تان ايمان کڄي ويو، مريم مجيدي لکيو ته جيءُ جهوريندڙ افسوسناڪ سانحو، سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، مير چاند اوڏ لکيو ته انسانيت تان ويساهه کڄائيندڙ واقعو آهي، ان کانپوءِ اندر ۾ هڪ خوف ورائي ويو آهي ته ڪنهن به مهل ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، راشد ٽالپر لکيو ته وڏو ظلم آهي، امر شر لکيو ته افسوس ئي ڪري سگهون ٿا، انجنيئر مجتيٰ سومرو لکيو ته انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت واقعو آهي، ولي محمد خاصخيلي لکيو ته ھن ملڪ جي منھن تي بدنمائي جو اھڙو بدنما ڪارو داغ جيڪو ڪڏھن نه ختم ٿيندو ۽ نه ڪنھن کان وسرندو، ھن ملڪ جي سڃاڻپ ھاڻي جاھل ۽ بيحس ملڪ واري ٿي وئي آھي،

ممتاز آريسر واقعي جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته مذھبن ملڪن ۾ ماڻھو مارايا، ھي ڀڙڪندڙ شعلا باهه ڪنهن احتجاج ۾ ڪي پيٽرول ھاري ٽائر کي نه ڏنل آھي پر پنجاب ۾ هڪ زندا انسان کي ڏنل باھ آھي جنھن مان شعلا نڪري رھيا آھن ۽ ان انسان کي باھ ڏيڻ وارا ڪي ملائيڪ نه آھن پر اھي سڀ به ان ئي خدا جا خلقيل ٻانھا آھن جنھن جو اھو بندو ھو ھن جو به ته خدا اھو ئي آ پوءِ ھن جي خستاخي جي ايتري سزا ڇو؟ ھن ملڪ ۾ قانون اھو آھي؟ جنهن تي محمد علي ارباب لکيو ته انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو آهي، نانجي پرمار، ڀورالال مالهي، راجيش ساگر جئپال افسوس جو اظهار ڪيو،

سيد اسامه شاهه لکيو ته بنا ثبوت پنهنجي عدالت قائم ڪري مذهب جي نالي تي قتل ڪندڙ پاڻ مذهب جو قاتل آهي، اسماعيل ڪنڀر لکيو ته قانون بهتر ڪيو وڃي ته ڇو بيگناهه انسان مرن. مخدوم شمس پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 74 سالن کان توهان جن کي پاليو آهي اڄ ان جا نتيجا به ڏسي وٺو…74 سالن کان هن رياست جي آبياري جيڪڏهن علم، ادب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان ڪيو ها ته هي ملڪ اڄ ڪجھه ٻيو هجي ها. ريحانه نذير سڙندڙ لاش تي سيلفي واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ھڪ شخص ھڪڙي شھر۾ دانھون گھڻيون ڪيون بي درد لوڪ بيٺي سيلفيون ڪڍيون، گلبدن جاويد مرزا افسوس جو اظهار ڪيو، نورالهديٰ شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته فتني ڪي رات ڪو عشق ڪهتي هو، عشق ڪا وضو، مظلوم ڪي خون سي ڪرتي هو، عاشق هو؟ يا عشق ڪي قاتل هو !،

منصور ٿيٻو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلام سلامتي ۽ ڀائيچاري وارو دين سڏبو آهي، پر سيالڪوٽ ۾ درندن طرفان انسانيت کان ڪريل حرڪت سبب  ڪروڙين ماڻھو ان ئي مذهب خلاف نفرت ڪندا ۽ صدين تائين انسانيت جو ڪنڌ شرم مان جهڪيل رهندو اها نفرت ايندڙ  نسلن جي ذهنن ۾ باھ ڀريندي رهندي، جنهن تي شاهد جعفري لکيو ته افسوسناڪ عمل آهي، سردار فراز مهر لکيو ته هنن انسانيت کي باهه ڏئي مذهب بچائي ورتو. جمي جمن پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پرياٿنا ڪمار تو ڪو اهڙو سچ ڳالهايو هو ڇا؟ جو توکي ٿڏي تي ماري هميشه لاءِ ماٺو ڪرائي ڇڏين؟ .