سوال/سروي مني بجيٽ خودڪش حملي کان گهٽ ناهي، مهانگائي وڌندي ته غريب بک وگهي مرندا: عوام

0
211
سوال/سروي مني بجيٽ خودڪش حملي کان گهٽ ناهي، مهانگائي وڌندي ته غريب بک وگهي مرندا: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پاران عوام کان 350 ارب ٽيڪس اوڳاڙڻ جون جون تياريون ڪيون پيون وڃن جنهن لاءِ مني بجيٽ آندي پئي وڃي، حڪومت جي اهڙي عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن لکيو ته مني بجيٽ خودڪش حملي کان گهٽ ناهي، مهانگائي وڌندي، مسلسل مهانگائي عوام کي بک تي ماري ڇڏيندي، حڪومت جو اهو عمل غلط آهي جنهن کي رد ڪرڻ گهرجي، روز ڪمائڻ وارو ماڻهو زندگي عذاب ۾ گذاري ٿو، خدارا غريب عوام تي رحم ڪيو وڃي.

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته حڪومت عوام کي تيلي ٻجن وانگر گهاڻي ۾ پيڙهي رهي آهي جيترا عوام ٽيڪس ڀري ٿو جو عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، مٿان مني بجيٽ آڻي ٻيا ٽيڪس ٿا هنيا وڃن ته عوام پنهنجو پاڻ کي ماريندو جيڪي بنگلن محلن ۾ رهن ٿا انهن کي ڪهڙي خبر ته عوام جيون ڪيئن پيو گهاري. گل حسن شر لکيو ته آخرڪار عوام وٽ حڪومت ڏٺو ڇا آھي؟ ھر روز عوام کي نپوڙڻ جون رٿائون پئي ٺاھي لڳي ٿو سڀ توانايون عوام کي نپوڙڻ تي خرچ پئي ڪري حڪومت،  عبدالغفور سروهي لکيو ته ملڪ کي ستر سالن کان ڦريو ۽ لٽيو ويو آهي، پئسا زمين جي تهه ۾ خراب پيا ٿين، جيڪڏهن حڪومت قرض لاهڻ لاءِ ڪم آڻي ٿي ته چڱو عمل آهي، ساٿ ڏيڻ گهرجي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته عوام وٽ ڇڏيو ڇا اٿن؟؟ عوام ۾ ته ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي اٿن،

گل زيب ساند لکيو ته اڳ ۾ ئي مهانگائي آهي مٿان وري نوان ٽيڪس لڳائي جيئڻ جنجال ڪندا، عابد حسين لاشاري لکيو ته وفاقي حڪومت عوام کي مرڻ تي مجبور پئي ڪري عمران جا اهي واعدا ڪيڏانهن ويا جيڪي هن ڪنٽينر تي بيهي ڪيا هئا امير ته پنهنجو گذارو ڪري ويندو پر غريب ڪيڏانهن وڃي؟ علي لکيو ته تمام ڀيانڪ ٿولڳي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته عوام اڳ ئي پريشان آهي، سڪندر مهر لکيو ته تبديلي سرڪار مهانگائي جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، عمران خان جي تبديلي سرڪار ڍونگ ۽ٺڳي تي ٺهيل آهي غريب ۽ پيڙهيل طبقو تمام گهڻو پريشان آهي غريب عوام جا پٽون پاراتا تبديلي سرڪار کي لوڙھي ڇڏيندا، سليم اختر لکيو ته حڪومت کي عوام جو خيال رکڻ کپي،

ڪاشف حسين ڪنڀر لکيو ته وفاقي حڪومت غربين جي ساھ کڻڻ تي به ٽيڪس لڳائيدي؟ حڪومت غريبن جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، آخر غريبن جي دردن جو درمان ڪير ڪندو ۽ ڪڏهن ڪندو انهي جي ڪا به خبر ناهي مسڪين ماڻهو اڳ ئي پريشان آهن وڌيڪ حڪومت ٽيڪس لڳائي پريشان ڪري ڇڏيندي. مڪيش جئپال لکيو ته عوام ۾ جيڪو رھيل ڪجهه رت آهي اھو به چوسي ڪڍڻ ٿا چاھين، وڏو ظلم آهي، آصف علي راڄپر لکيو ته هي تباهي حڪومت عوام کان جيئڻ جو به حق کسي رهي آهي هن نااهل حڪومت مان چڱائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته وفاقي سرڪار مني بجيٽ آڻي مهانگائي جي طوفان کي دعوت ڏئي رهي آهي، عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪري پئي خدارا رحم ڪريو، عوام اڳ ئي بک بدحالي بيروزگاري جي گهاڻي ۾ پيسجي رهيو آهي،

نعيم اڪرم مشوري لکيو ته ان حڪومت اڳ ئي جيڪي به بجيٽ آندا اهن اهي ڪٿي پورا ٿيا بس عوام کي چونو هڻندا آهن، خاموش خليل شر لکيو ته مهانگائي اڳ ئي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو آھي ، وري ويتر عوام مان رهيل ڪسر پيا ڪڍن، افسوس هن تبديلي عوامي حڪومت تي وري ٽيڪس هڻي عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪرڻ آھي، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته هن حڪومت عوام جيئڻ جو جنجال ڪري ڇڏيو آهي عوام ٻه ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي غريب هاري طبقو روز جيئي روز مري ٿو هر شيءِ مهانگي آهي 9000 ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻوري ملي ٿي 2200 ۾ يوريا ڀاڻ ملي ٿو، روز ڪمائڻ وارو ماڻهو زندگي عذاب ۾ گذاري ٿو، خدارا غريب عوام تي رحم ڪيو وڃي، منظور زرداري لکيو ته وفاقي حڪومت جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، بشير ميراڻي لکيو ته حڪمران جماعت کي ڪهڙي خبر ته عوام هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي، ھي ته امير ماڻهن جي جماعت آهي، مسلسل مهانگائي عوام کي بک تي ماري ڇڏيندي، حڪومت جو اهو عمل غلط آهي جنهن کي رد ڪرڻ گهرجي.

ظفر رند لکيو ته عمران حڪومت نااهل ٿي چڪي آھي. ممتاز سميجو لکيو ته حڪومت جو هر قدم عوام جي ڀلائي بدران عوام کي وڌيڪ مصيبتن ۾ مبتلا ڪرڻ آهي، جاويد زرداري لکيو ته ماڻهو پنڻ جهڙا ٿي ويا آهن، يعقوب کوسو لکيو ته غريب ماڻهو جو جيئڻ هاڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، عبدالحق لنجواڻي لکيو ته تباھي پيا ڏسون ٻيو ڇا ؟ سمير احمد لکيو ته اسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٿا ته پيٽرول ڊيزل سستو ڪيو وڃي کاڌ خوراڪ سستو ڪيو وڃي، نادر علي اڄڻ لکيو ته پاڪستان جي عوام جي مھانگائي پھريان چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي غريب طبقو پريشانين مبتلا ٿي ويو آهي، لياقت ملاح لکيو ته امير روز امير ۽ غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي، حفيظ الله لکيو ته حڪومت جو ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي پئسو ڪرپٽ وزير هڙپ ڪندا آهن،

حاجي خان پنهور لکيو ته افسوس آهي حڪومت تي، ممتاز علي لاکو لکيو ته الله پاڪ هن سرڪار مان جان ڇڏائي، ساحل ڪمار لکيو ته سڪون صرف قبر ۾ آهي، محمد اسلم خان لکيو ته عوام اڳ ئي پريشان آهي، مٿان وري ٽيڪس لڳائن پيا، عمران سانگي لکيو ته مني بجيٽ خودڪش حملي کان گهٽ ناهي، مهانگائي وڌندي. عبدالستار بلوچ لکيو ته عوام جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي، مسرور شر لکيو ته اڳ ئي پريشان آهي، نياز سومرو لکيو ته ڪٿي آهن اهي ماڻهو جيڪي ان کي هيرو بڻائي وٺي آيا هئا.