ٽنڊوباگو: مير غلام محمد خان ٽالپر جي 90 ھين ورسي 12 فيبروري تي اڄ اسڪول ۾ منقعد ٿيندي ورسي واري تقريب ۾ صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله، پ پ پ ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر خطاب ڪندا، جڏهن ته اديب، شاعر، تعليم دان، استاد، اسڪول جا نوان ۽ پراڻا شاگرد مير غلام محمد خان ٽالپر کي ڀيٽا پيش ڪندا. استاد ۽ شاگرد مير غلام محمد خان ٽالپر جي مزار تي گلن جي چادر پڻ چاڙھيندا.