عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ شھر ۾ لڇمڻ سونارو جي دڪان تان چاندي جون ڪڙيون خريد ڪندڙ ڌنو ڪولھي ۽ سندس پيرسن امڙ کان مبينا طور چاندي جون ڪڙيون ۽ 10 ھزار روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿيندڙ عورت کي سونارن ۽ متاثرن پيڇو ڪري پڪڙي  ورتو، جنهن دوران عورتن جي گوڙ ۽ رڙين تي ماڻھن جا انبوھ گڏ ٿي ويا، جڏھن ته ون فائيو پوليس اھلڪار به پھچي ويا، ڇڪتاڻ بعد اطلاع تي عمرڪوٽ ٿاڻي جي پوليس پھچي عورتن ٻارڙن ۽ مردن کي عمرڪوٽ ٿاڻي تي وٺي وئي، جتي پوليس آڏو متاثر ڌنو ڪولھي بيان ڏنو ته سندس چاندي جا زيور ۽ 10 ھزار روڪ پوجان اوڏ سوناري جي دڪان تان چوري ڪيا، زيور ملي ويا آھن پر پئسا ساڻن گڏ آيل ھڪ عورت کڻي فرار ٿي وئي آھي، الزام ھيٺ آيل عورت پوجان اوڏ ٻڌايو ته مون ٽڪو چوري نه ڪيو آھي، الزام ڪوڙا آھن،