ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ فٽبال اسٽيڊيم ۾ ويٺل هڪ تماشائي ڪاغذ جي هوائي جهاز سان حيران ڪندڙ گول ڪيو آهي. ڪاغذ جي هوائي جهاز سان گول ڪري ماڻهن کي حيران ڪندڙ نوجوان پاڻ به سوشل ميڊيا تي مشهور ٿي ويو آهي، اها وڊيو پراڻي آهي جيڪا هاڻي انٽرنيٽ تي وائرل ٿي رهي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ نوجوان فٽ بال ميچ جي ٽڪيٽ مان هوائي جهاز ٺاهيو ۽ پوءِ پنهنجي سيٽ تان ان جهاز کي گرائونڊ طرف اڏائي ڇڏيو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جهڙي طرح ڪاغذي هوائي جهاز گرائونڊ ۾ رانديگرن وچ ۾ چڪر لڳايو ۽ پوءِ يوٽر وٺي واپس گول طرفن سفر ڪندي اچي گول ڪيو، اهو حيران ڪندڙ آهي. سوشل ميڊيا واهپيدارن ان وڊيوکي گهڻو پسند ڪيو آهي ۽ مختلف قسم جا ڪمنٽ به ڪيا آهن، هڪ واهپيدار لکيو ته هي هن وقت جو سڀ کان بهترين گول آهي.