قاهره (انٽرسٽنگ نيوز) مصر ۾ ڌيءُ جي شاديءَ جي موقعي تي مڙس پنهنجي گهر واريءَ کي طلاق ڏئي مهمانن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. العربيه نيوز جي رپورٽ موجب مصر جي گاديءَ واري هنڌ قاهره ۾ ڌيءُ جي شاديءَ جي تقريب دوران مڙس پنهنجي زال کي طلاق ڏئي ڇڏي جڏهن ته وڊيو به سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي. ٻئي طرف گهر واري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مڙس ۽ منهنجي وچ ۾ اختلاف هئا جڏهن ته جولاءِ ۾ عليحدگي ٿي وئي هئي پر ان جي باوجود مان ٻارن جي پالنا لاءِ ۽ ڌيءُ جي شاديءَ جي لاءِ مڙس جي گهر رڪيل هيس. زال مڙس جي رويي کي “پنهنجي خلاف سازش ڪرڻ جي ڪوشش” قرار ڏنو آهي. وڊيو ۾ مڙس ڌيءُ کي شادي جي مبارڪ ڏني جڏهن ته زال کي طلاق ڏيڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو.