اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارليامينٽ هائوس ٻاهران هٿيار کڻي گهمندڙ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ٻاهران هڪ شخص پستول هٿ ۾ کڻي گهمندو رهيو اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي کيس گرفتار ڪري ورتو ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتو،جوابدار کي سيڪريٽريٽ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو. ان شخص جو دماغي توازن خراب آهي. گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته گرفتار ٿيل شخص جي پستول ۾ گوليون نه هيون. پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته سڃاڻپ ملڪ سهيل جي نالي سان ٿي آهي ۽ هو چڪري جو رهواسي آهي.