عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل نوجوان بازياب، جذباتي منظر

0
245

قاضي احمد (ن پ ا) عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل نوجوان راشد سيال وارو معامرو، امڙ جون آھون، دانھون ۽ ٽائيم نيوز جون ڪوششون رنگ لائي آيون، 39 ڏينھن اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل قاضي احمد واسي نوجوان راشد سيال ناپر ڪوٽ پوليس ڳڙھي تيگو واري علائقي ۾ آپريشن بعد ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي ويو، پوليس پاران اھڙي اطلاع ڏيڻ بعد مغوي جي امڙ ۽ والد محمد الياس سيال شڪارپور جي علائقي ناپر ڪوٽ پھتا، جتي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرايل راشد سيال کي وارثن حوالي ڪيو ويو، پٽ جي ڌاڙيلن وٽان بازيابي بعد شڪارپور جي ناپر ڪوٽ پوليس ٿاڻي تي پھتل امڙ جا پٽ کي اکين اڳيان ڏسي جذباتي منظر هئا، ماءُ نوجوان کي چمندي رھي، پٽ جي بازيابي تي ماءُ پاران ناپر ڪوٽ پوليس، ٽائيم نيوز جا ٿورا مڃيا، جن جي جدوجهد کان پوءِ بنا ڪنهن ڀنگُ ڀرڻ جي مغوي راشد سيال جي بازيابي عمل ۾ آئي آھي، ان حوالي سان ناپر ڪوٽ ايس ايڇ او عبدالشڪور لاکو ٽائيم نيوز کي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايس پي شڪار پور تنوير حسين تنيو جي خاص ھدايتن تي پوليس پاران ڪاروائي بعد مغوي کي بازياب ڪرايو آھي، واضح رهي ته راشد سيال جي اغوا واري واقعي تي قاضي احمد جون سياسي، سماجي ڌرين روڊن تي اچي احتجاج پڻ ڪيو هو، 39 ڏھاڙا اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويل مغوي راشد سيال کي شڪارپور ,گهوٽڪي ,ڪشمور جي ڪچي جي علائقي واري علائقي سميت ٻين ھنڌن تي رکيو ويو ھو جنهن جي بازيابي عمل ۾ آئي آھي.