اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيوي گالف ڪورس جي تعمير غيرقانوني قرار ڏيندي ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله مارگلا هلز نيشنل پارڪ ۾ اڏاوتن کي غيرقانوني قرار ڏيڻ بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو، چيف جسٽس موڪلن  تي روانگي کان اڳ فيصلي تي صحيح ڪئي هئي ۽ ڪالهه فيصلو جاري ڪيو، جيڪو 105 صفحن تي ٻڌل آهي. جاري ڪيل تفصيلي فيصلي ۾ اسلام آباد انوائرمينٽل ڪميشن جي رپورٽ کي به شامل ڪيو ويو آهي. عدالت نيوي گالف ڪورس جي تعمير غيرقانوني قرار ڏيندي دفاع وزارت کي انڪوائري جو حڪم جاري ڪيو. عدالت سيڪريٽري دفاع نيوي گالف ڪلب جي فارنزڪ آڊٽ ڪرائي قومي خزاني کي پهتل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ جو به حڪم ڏنو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيشنل پارڪ جي 8068 ايڪڙ ايراضي تي فوج جي ڊائريڪٽوريٽ جي ملڪيتي دعويٰ به رد ڪندي پاڪ فوج جي فارمز ڊائريڪٽوريٽ جي مونال ريسٽورنٽ سان ليز معاهدو به غيرقانوني قرار ڏنو، عدالت چيو ته فارمز ڊائريڪٽوريٽ مونال کان جاءِ جو جيڪو ڪرايو ورتو اهو به غيرقانوني هو، سيڪريٽري دفاع کي اهو ڪرايو واپس ڪرائي رقم 60 ڏينهن اندر قومي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪا به وضاحت پيش نه ڪئي وئي جي ايچ ڪيو يا فارمز ڊائريڪٽوريٽ ڪهڙي قانون تحت پراپرٽي جا مالڪ ٿي سگهن ٿا يا ڪمرشل ليز معاهدو ڪري سگهجي ٿو. عدالت قرار ڏنو ته آئين تحت ٽئي هٿياربند فوجون وفاقي حڪومت جي ماتحت آهن، صدر فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي، آرمڊ فورسز کي پنهنجي دائريڪار کان ٻاهر سڌي يا اڻ سڌي طرح ڪنهن ڪاروباري سرگرمي ۾ حصو وٺڻ جو اختيار ناهي، نه ئي پاڪستاني فوج ڪنهن رياستي زمين جي ملڪيت جي به ڪا دعويٰ ڪري سگهي ٿي. تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته هٿياربند فوج جو ڪم ٻاهرين اڳرائي کان ملڪ جو دفاع ۽ طلب ڪرڻ تي سول ادارن جي مدد ڪرڻ آهي، فوج ٻئي ذميواريون وفاقي حڪومت جي اجازت سان سرانجام ڏئي سگهي ٿي پاڻمرادو نه، هٿياربند فوج پاران قانون جي ڀڃڪڙي ان جي آئيني حلف جي ڀڃڪڙي ۽ طئي ٿيل ذميوارين کان انحراف آهي، ڇو ته آئين ۾ واضح آهي ته ڪنهن به زمين جي خريد ۽ وڪري يا ليز جو اختيار وفاقي حڪومت وٽ آهي، آرمڊ فورسز ملڪيت، حاصلات يا ڪنهن ٻي صورت ۾ پراپرٽي جي ڊيل نٿي ڪري سگهي. عدالت فيصلي ۾ لکيو ته رياست ۽ حڪومتي عهديدارن جو فرض آهي ته اهي مارگلا هلز جو تحفظ ڪن، رياست جي ذميواري آهي ته عوام جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو آهي ته مارگلا هلز جي محفوظ نوٽيفائيڊ ايريا جي بي حرمتي ۾ رياستي ادارن جو ملوث هجڻ ستم ظريفي آهي، پاڪ بحريا ۽ پاڪ فوج قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي لاڳو ٿيل قانون ٽوڙيو، هي قانون جي حڪمراني کي ڪمزور ڪرڻ ۽ اشرافيا جي گرفت جو هڪ مثالي ڪيس هو. فيصلي ۾ چيو ويو ته رياست جو فرض آهي ته مارگلا هلز کي پهتل نقصان جو ازالو ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ته جيئن وڌيڪ تباهي کان بچائي سگهجي. عدالت سي ڊي اي ۽ وائلڊ لائيف مئنجمينٽ کي نيوي گالف ڪورس جو قبضو وٺڻ جو حڪم ڏنو، عدالت قرار ڏنو ته سيڪيورٽي سببن جي بنيادن تي اڏاوتن جو جواز پيش ڪرڻ جو دليل بي بنياد آهي، قانون کان ڪير به مٿانهون ناهي، ڪنهن کي قانون جي ڀڃڪڙي جو لائسنس نٿو ڏئي سگهجي، نيوي اختيارين رياستي زمين تي اڏاوتون ڪري پاڻ کي محڪماتي ڪارروائي جي زمري ۾ آندو.، رياستي ادارن پاران اختيارن جو غلط استعمال قانون ۽ بنيادي آئيني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي. ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 11 جنوري 2022 تي ان ڪيس جو مختصر فيصلو جاري ڪيو هو.