اشو آف دي ڊي/حيدرآباد ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جو قتل: سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل، ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو

0
142
اشو آف دي ڊي/حيدرآباد ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جو قتل: سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل، ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو

حيدرآباد ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل واري واقعي خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته واقعي کي لسانيت جو رنگ نه ڏنو وڃي. بلال ڪاڪا جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو به مطالبو ڪيو ويو ۽ بلال ڪاڪا جي خون سان انصاف لاءِ جسٽس فار بلال ڪاڪا هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو جيڪو ٽاپ ٽرينڊز ۾ شامل رهيو. ان سلسلي ۾ جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلال ڪاڪا جي قتل تي ڪاوڙ، ڏک ۽ مزاحمت جو ردعمل فطري آهي پر ان ڏس  ۾ هيٺيان نقطا ذهن ۾ رکڻ گهرجن.

1) ڌارين جي آبادڪاري ڪو نسل پرستي جوسوال ناهي، اسان کي سنڌي پشتون تضاد اڀارڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

2) جيئن ته اهو هڪ سياسي سوال آهي انڪري ان جا پر امن حل ۽ حڪمت عمليون به سياسي شعور ۽ سياسي رخ ۾ هئڻ گهرجن

3) ڪابه مهم جوئي اسان کي سخت قومي نقصان ڏئي سگهي ٿي.

4) سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت تي ان سلسلي  ۾ سخت دٻاءُ وجهجي ته اهي  پنهنجي مجرمانه خاموشي سان ڌارين جي آبادڪاري ۾ اڻ اعلانيل سهولتڪاري بند ڪن ۽ خاص طور افغان پناهگيرن جي واپسي جو بندوبست ڪن. ان دوران سندن واپسي تائين کين عارضي رهائش جا خاص ڪارڊ جاري ڪيا وڃن، جنهن تحت نه رڳو سندن ڪي سياسي حق نه هوندا پر ملڪيت خريد ڪرڻ جو حق به نه هئڻ گهرجي ۽ عارضي ورڪ پرمٽ هئڻ گهرجي، جيڪا ڪنهن به غير قانوني ڪم يا ڏوهه جي ثابتي تي رد ٿي ويندي.

5) سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت تي سخت دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته سنڌ ۾ وڇايل مدرسن جي ڄار ۽ افغانين جي خريد ڪيل ملڪيتن، ٺهرايل شناختي ڪارڊن ۽ ڊوميسائلن جو مڪمل رڪارڊ قائم ڪري انهن کي رد ڪرڻ جو شفاف سرشتو جوڙيو وڃي.

7) سنڌ اندر غيرقانوني پرڏيهين ۽ ٻين صوبن کان آيل معاشي پناهگيرن جون ڪي به وسنديون پڪيون نه ڪيون وڃن.

8 ) گڏيل سگهاري احتجاج لاءِ گڏيل ذميوار فورمز يا اتحادن کي سرگرم ڪيو وڃي.

9) آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 23 کي يا ته ختم ڪيو وڃي يا انهن ۾ ۾ بنيادي ترميمون ڪيون وڃن ۽ انهن حقن کي رڳو صوبائي اختياري جي قانوني طور طئه ٿيل شرطن سان مشروط ڪيو وڃي.ان لاءِ لازمي آهي ته سنڌ اسيمبلي به ان ڏس ۾ گهربل قانونسازي ڪري.

10) سنڌ جا ماڻهو ٻاهرين صوبن ۽ ملڪن مان آيل ماڻهن کي پنهنجون ملڪيتون مسواڙ تي ۽ وڪڻي نه ڏين، غيرقانوني افغاني پناهگيرن جي ڪنهن به ڪاروبار جو سڌي ۽ اڻ سڌي ريت حصو نه بڻجن. جنهن تي ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻا، غلام الله سيال ۽ ٻين اتفاق ڪيو، وحيد چانڊيو لکيو ته سئو فيصد درست ڳالهيون. سياسي مسئلن جو سياسي حل ئي نڪرندو آهي نه ڪي جذباتيت ۾ اچي ڪري مهم جوئي کان ڪم ورتو وڃي. گهڻا ماڻهو هن معاملي کي لساني فساد جو رخ ڏئي رهيا آهن جيڪو سراسر غلط آهي. هالار نواز لکيو ته پناهگيرن جي عارضي رهائش دوران، حڪومت کي انهن لاءِ ورڪ پرمٽ سسٽم متعارف ڪرائڻ گهرجي. حيدر سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلال ڪاڪا جي معاملي تي ڪجھه ماڻهو سياسي فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ عمران خان ڪنهن پٺاڻ کي نه پر سنڌين کي ئي ٽڪيٽون ڏنيون آهن ان ڪري هن معاملي کي سياسي نه بڻايو ته بهتر آهي.

شاهنواز خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ اندر مزاحمت جو مينڊيٽ نيشنلسٽ نيريٽو وٽ آهي. شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ جتي به پرتشدد واقعا ٿين پيا، اتان جا ساڃاھه وند اھڙن واقعن کي روڪرائين. ويڙھه حڪمت ۽ ڏانءُ سان ڪجي، جذبات سان نه. ھن وقت ڪا به ڇڙواڳي سنڌ جو ھي ڪيس لوڙھي سگهي ٿي. اوھان رڳو ھنن جا خريدار نه ٿيو. اھو ئي وڏو ڌڪ آھي، جنهن تي ابوالحسن لطيفي لکيو ته بلڪل جذبات کان وڌيڪ عقل جي ضرورت آھي، هيمن ڪمار لکيو ته جوش سان نه ھوش سان ڪم وٺڻ گهرجي، علي نواز مري لکيو ته جذبات ۾ ھميشه غلط فيصلا ٿين ٿا، رشيد سڌايو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسان جو جھيڙو نه قومي آهي نه لساني، اسان ته ايترو ٿا چاھيون ته سڀني غير ملڪين کي پنهنجي پنهنجي ملڪ واپس موڪليو اسان جي جان ڇڏيو، رخسانه پريت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سياسي دڪانن کان خبردار رھندي، سياسي فھم،  ساڃاھه .عقل ۽  ادراڪ  کان ڪم وٺندي پنھنجي بي پناھه ڪاوڙ  کي ھڪ سياسي طاقت ۾ بدلايو  ھڪ گڏيل آواز ۾ تبديل ڪريو. لٺيون بانٺا ۽ ابتيون سبتيون بندوقون کڻي پلاند لاءِ نڪرندا ته خود  رياستي تشدد ۽ ايف آءِ  آرز جي ور چڙھي ويندا.  نتيجو ڪجھه به نه نڪرندو.

آڪاش امر، آفتاب لاشاري، فرزانه ٻرڙو به اهڙي پوسٽ سان اتفاق ڪيو. اختر شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خبر ناھي بحريا ٽائون جي گيٽ کي باھه ڪنهن ڏني يا ڏياري پر ان شاندار تحريڪ جي ناڪاميءَ جو سبب گيٽ کي باھه لڳڻ ھو، ائين جيڪڏھن پناهگيرن خلاف جدوجھد ۾ ڪاميابي چاھيو ٿا ته پرامن رھي ڪري مستقل مزاجي سان اڳتي وڌو، ٻي صورت ۾ ھڪ اڌ ڌاريو ڪو ٽرڙو ماڻھو ماريندو ۽ اسين سڀ وضاحتن ۾ پئجي وينداسين، اسين ته پرامن آھيون، ٻيو اھو ٿيندو ته معصوم قومي ڪارڪن کنڀجي ويندا ۽ چئوطرف خاموشي ھوندي.. ٿورڙو ئي ھلجي پر مستقل ھلجي.  پرامن رھو، ھوشيار رھو سازشن کان، مستقل وڌو، اتحاد آڻيو، جاگرتا آڻيو ۽ ڪاميابي کي توھان جا قدم چمڻ ڏيو.جنهن تي قاضي آصف لکيو ته سئو سيڪڙو درست ڳالھه، ڪا به پرتشدد حرڪت قابل قبول ناهي، طارق خاصخيلي لکيو ته سنڌ واسين کي گذارش آهي ته افغانين سوڌو ڌارين کي مسواڙ تي ڏنل پنهنجا دڪان، ھوٽل ، جڳهيون واپس وٺي ،پنهنجي شهر ۽ وطن مان ڌڪي ڪڍو، گو افغاني گو، ڊاڪٽر آصف ميمن لکيو ته ساڃاهه وند، سمجهو، بي ريا ۽ بيباڪ قيادت جي ضرورت آهي، سارنگ منير سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪاروبار بند ڪرائڻ کان بھتر آھي ته انهن کان ڪجهه به خريد نه ڪيو، لسانيت کان ھمت ۽ عمل کي ھٿي ڏيو، شبير پياڪ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صرف هڪڙي اصول جي پوئيواري ڪجي.

سنڌ ۾ ننڍو وڏو ڪاروبار ان سان ڪجي، جيڪو سنڌ جي مستقل مفادن جو مخالف نه هجي. باقي سنڌ کان ٻاهر هر ڪنهن سان ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو. يو اي اي ۾ 90 سيڪڙو ٻين ملڪن جا ماڻهو رهن ٿا، ڪاروبار ڪن ٿا، پر اتي مقامي ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويو آهي. هتي پاڻ وٽ سنڌ ۾ به ائين ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ ووٽ جو حق صرف سنڌ جي ماڻهن کي هجي. ٻين صوبن جا ماڻهو پنهنجن صوبن ۾ ووٽ ڏين. اهڙو قانوني بندوبست ٿيڻ گهرجي. ساڳئي وقت سنڌ حڪومت هر ڪاروبار کي رجسٽرڊ ڪري، پوءِ اهي هوٽلون هجن، ڪيبنون هجن، ڪپڙن جا دڪان هجن يا حجام جا دڪان ئي ڇو نه هجن. شمع منور پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۾ پيپلزپارٽي ملوث آهي. زاهد شيخ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مھاجر صرف مھاجر ٿا سڏائن پنجابي صرف پنجابي ٿا سڏائن ۽ پٺاڻ صرف پٺاڻ ٿا سڏائن پر ھاڻي سنڌي جڏھن ذاتيون ڇڏي صرف سنڌي ٿي بيھندا ته پوءِ سنڌ ۾ ھڪ به ڌاريو نه رھي سگھندو. مرتضيٰ چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته نقيب الله جڏھن ڪراچي ۾ ماريو ويو ته پٺاڻن پوري پاڪستان ۾ باهيون ٻاري ڇڏيون.ايس پي ملڪ مان فرار ٿي ويو ۽ اسان سنڌي پنهنجي ديس ۾ ئي ڌارين جي هٿان ماريا وڃون ٿا آخر ڇو؟ آخر ڪيستائين؟جاڳو سنڌي جاڳو؟ ورثا پيرزادو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته صحيح ۽ غلط جو فيصلو عمل جي نتيجي تي هوندو آهي، جيڪڏهن هن عمل سان دهشت کي هٿي ملي يا غير انساني هجڻ جو انديشو هجي ته اهو عمل ڪنهن صورت ۾ صحيح نٿو ٿي سگهي.

گلشن لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته رد عمل ،احتجاج يا مزاحمت قومن جي  وجود جو اظھار ھجن ٿا . ڇا سنڌي انسان ناھن فرشتا آھن  جو ھر ظلم  سھندا رھن پر خاموش رھن . سنڌ  جي پارٽين  کي ان مزاحمت کي پنھنجي سياسي ڏاھپ سان نتيجا خيز بڻائڻ گھرجي ھا نه وري ماڻھن کي روڪڻ گھرجي .  صرف تشدد کان روڪڻ گھرجي. حسين مسرت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌي نوجوانو، لساني جھيڙا سنڌ جي مفاد ۾ نه آھن، اچو ته ڏوھه خلاف وڙھون، جيڪي ڌريون غير قانوني ڪمن ۾ ملوث آھن جيڪي مافيائون آھن انھن کي پڌرو ڪريون،اسان پنھنجي حقن لاءِ اسيمبلين ۾آواز اٿاريون، آئيني، قانوني حق گهرون، سنڌ جا نوجوانو ، مزاحمت ڀلي ڪريو جدوجھد به ڪريو، تحريڪون به ھلايو، ڏوھارين کي قانون مطابق سزا ڏياريو پر پاڻ ڏوھاري نه بڻجو، سنڌ کي لساني نفرت ۽ جھيڙن جي ور نه چاڙھيو. زاهد ڀٽو، قاسم سوڍر، حميد ميمڻ، علي نواز سومرو، ڪامل شيخ، عنايت بروهي، خالد جمالي، آصف جوکيو، عابد خان مهر، شير محمد سولنگي به پوسٽ سان اتفاق ڪيو.

ريحانه چنڙ پوسٽ شيئر ڪئي ته واپار جا رستا ملڪ جي سڀني رهواسين لاءِ کليل هوندا آهن، اسلام آباد ۾ سنڌين هڪ هوٽل کوليو آهي جيڪو سٺو هلي ٿو، ڪاروبار ۾ مقابلي لاءِ پنهنجي جاءِ ٺاهيو، باقي ڪنهن جو ڪاروبار ان بنياد تي بند ڪرائڻ ته هو مقامي ناهي اها سوچ مثبت ناهي. جنهن تي عبدالجبار جوڻيجو لکيو ته ڪنهن به طرح سان ڌارين جي حمايت درست عمل ناهي، جاويد لانگاهه لکيو ته سماجي ۽ معاشي بائيڪاٽ مظلوم ۽ بيوس قومن جو سياسي هٿيار آهي ان کي استعمال ڪرڻ حڪمت عملي جو حصو هجڻ گهرجي،عاصم خان لکيو ته اسلام آباد ۾ جنهن سنڌي هوٽل کوليو آهي اهو چانهه يا ماني هلائيندو هوندو پر هتي ڌاريا هوٽل جي آڙ ۾ منشيات ۽ هٿيار وڪرو پيا ڪن. حريف چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي گادي جو هنڌ ڪراچي آهي جنهن ڪري ان گادي واري شهر تي سنڌ جي هر ضلعي ۽ ڊويزن جي ماڻهن جو حق آهي ته هو نوڪري يا روزگار ڪن . جن کي اعتراض آهي ته اهي ڀلي پنهنجي ملڪ هليا وڃن، سنڌ مان غير قانوني طورٻاهران آيل ماڻهن کي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪلڻ بابت سنڌ اسيمبلي مان قانون سازي ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي، بلاول ڪاڪا سميت پوري سنڌ ۾ سنڌين جي قتل ۾ ڌاريا ملوث آهن ان ڪري پنهنجو قومي وجود بچائڻ لاءِ اچو ته گڏجون ۽ اتحاد طرف وک وڌايون. ڌرتي ۽ عوام جو تحفظ يقيني بڻايون.

عباس گوپانگ، ڪامريڊ نظير قريشي، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ ۽ ٻين پوسٽ سان اتفاق ڪيو. علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڌاري آبادڪاري ھاڻي ڌاري آبادڪاري ناھي پر ھڪڙي سامراجي شڪل اختيار ڪري پنھنجو تسلط قائم ڪرڻ لاءِ ظلم ۽ بربريت ڪري رھي آھي ، سامراج خلاف ھر محاذ تان جدوجھد ڪرڻ گھرجي. گل حسن پلي پوسٽ شيئر ڪئي ته قاسم آباد ۾ افغاني پٺاڻن هٿان بيدردي سان قتل ڪيل هِن ڳڀرو سنڌي نوجوان بلاول ڪاڪا جي خون جو بهترين انتقام اِهو ئي آهي ته سنڌ ۾ لَکن جي تعداد ۾ غيرقانوني طور موجود اِنهن افغاني پٺاڻن کان مڪمل طور بائيڪاٽ ڪريون، سندن هوٽلن، دڪانن، پيٽرول پمپن، ڊيرين وغيره تان خريد و فروخت بند ڪري اسان کين اهڙي ته مات ڏئي سگھون ٿا، جو وري ڪڏهن اِهي  پاڻ ڌرتي ڌڻين تي ۽ پنهنجي ڌرتي تي ميري اک نه رکندا، زيب عيساڻي پوسٽ شيئر ڪئي ته قاضي احمد باءِ پاس تي ڌارين کي ڏنل هوٽل کي مالڪ خالي ڪرائڻ لاءِ پهچي ويو. جڏهن ته مختلف شهرن مان ڌارين جا دڪان بند ڪرائڻ جون وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون.ستارا تنيو لکيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ڌارين کي ڏنل جايون، دڪان يا هوٽل خالي ڪرايا وڃن.بابر وساڻ لکيو ته دوڙ ۾ به ڌارين جا دڪان بند ڪرايا ويا.

نقاش خاصخيلي لکيو ته سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ قومپرست پارٽين کي اتحاد ڪري جدوجهد ڪرڻ گهرجي.محسن خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بلاول ڪاڪا جو قتل سفاقيت آھي پر معاملو صفا شدت اختيار ڪري ويندو جيڪڏھن قومي قيادت ڪو روڊ ميپ نه ٺاھيندي!! حسن پٺاڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ سرڪار، سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاري آبادڪاري روڪرائي. حيدرآباد ۾ بيدردي سان قتل ٿيندڙ نوجوان بلال ڪاڪا جي قتل جي حوالي سان اها ڳالهه پڌري پٽ آهي ته ڌاريو نه رڳو سنڌ ۾ اچي ڪاروبار ۽ رهائش رکي ٿو پر جديد هٿيارن جي زور تي داداگيري به ڪري ٿو.مجاهد حسين سيد لکيو ته جذباتي ۽ وقتي ردعمل بجائي منظم ۽ مستقل حل ڳوليو، امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ويڙهه آئيني ھجڻ کپي. بنا سياسي قيادت جي شخصي لڙائي مھانگي پوندي. رفيق ملاح مانجهند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته توھان کي اهو اندازوئي ناهي ته افغانين جي ڪراچي۾ تنظيم آهي جن وٽ اربين رپيا سرپرستي لاءِ رکيل آھن سنڌي سنڌ ۾ اقليت ۾ آهن هن مسئلي کي ايترو نه خراب ڪجي جو پناهگير ان جهيڙي مان فائدو وٺن. سنڌو نواز گهانگهرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ دنيا جي شايد اها واحد نگري هجي جتي ڌرتي ڌڻي ايڏي وڏي انگ ۾ ۽ ايتري وحشي پڻي سان ڌارين هٿان ماريا ويا هجن، حيدرآباد جي نسيم نگر ۾ نوجوان بلال ڪاڪا جو بي دردي سان قتل انهن واقعن جو تسلسل آهي، اسان کي هاڻي ڌارين جي ڪاروبار جي مڪمل بائيڪاٽ سان گڏ پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻھن جي مالڪي ڪرڻي پوندي. محسن جويو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سڄي پاڪستان ۾ واحد صوبو سنڌ آهي جتي افغاني پٺاڻن کي ڪاروبار ملڪيت لاءِ ڪا به پرمٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي! ڪو به ٽيڪس نٿا ڀرين.

سهيل سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي شھرن جو مڪمل ڪنٽرول جي چاھيو ٿا ته ڌارين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. ندا ڪرماڻي، علي رند، سيف سميجو، علينه واحد مگسي، اسد سومرو، علي ارسلان جتوئي، پرهه منگي، رضوان ميمڻ، عادل غني لاڙڪ، مهتاب سنڌي، انعم ٽالپر، نصير ميمڻ، سورٺ سنڌو، سحر شاهه رضوي، مرتضيٰ لاشاري، اختر علي، منيش جئپال، احمد کوسو، مير ڪيريو، سعيد سانگري، خالد حسين، آصف باغي، حليمه سومرو، ساگر سهيندڙو، ڊاڪٽر عصمه جوڻيجو، علي حسن لغاري، حق ابڙو، اختر ٻانڀڻ، پرهه منگي، بئيرسٽر ضمير گهمرو، ولايت علي جوڻيجو، بشير ميراڻي، رضا معظم، ڪاشف علي، ارشد بلوچ ۽ ٻين ٽرينڊ ۾ حصو ورتو ۽ بلاول ڪاڪا جي خون سان انصاف ۽ قاتلن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.