تهران(م ڊ) ايراني صدر ابراهيم رئيسي اسرائيل کي تنبيهه ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ان تي حملو ڪيو ويو ته تل ابيب ۽ حيفه کي تباهه ڪري ڇڏينداسين. ايراني صدر تهران ۾ رٿيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اسرائيل کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اُن ايران جي خلاف ننڍي کان ننڍي ڪارروائي به ڪئي ته اسان جي هٿياربند فوج طرفان سخت ردعمل ايندو ۽ تل ابيب ۽ حيفه کي تباهه ڪنداسين. ابراهيم رئيسي آمريڪي فوجين کان وچ اوڀر ڇڏڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته آمريڪي فوج کي پيغام آهي ته هو جلد خطي مان نڪري وڃن.