اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پارلياماني سيڪريٽري آغا رفيع الله جي مفتي عبدالشڪور جي حادثي تي سوشل ميڊيا تي اٿاريل سوالن جو جواب ڏيندي چيو آهي ته مفتي عبدالشڪور جي مامري تي گذريل ٽن ڏينهن کان سازش ٿي رهي آهي، ان حادثي کي سازش قرار ڏنو پيو وڃي، ان مامري کي پاڻ ڏسي رهي آهيان، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته رانا ثناءُ الله به پاليسي بيان ڏئي چڪو آهي ته ان حوالي سان ڪي به اهڙا ثبوت نه مليا آهن جنهن سان هي سوچيل سمجهيل سازش ثابت ٿي ٿي سگهي، ان مامري کي سازش يا خدشن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي جوڙي آهي، پي ٽي آءِ جي آفيشل سوشل ميڊيا تان ان شهادت بابت غليظ ۽ گندي مهم هلائي پئي وڃي هي اهي ئي ماڻهو آهن جن شهيد فوجي آفيسرن جي خلاف به مهم هلائي هئي.