اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير ميان جاويد لطيف عمران خان، جنرل (ر) فيض حميد ۽ اڳوڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي گرفتاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو،  قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتراض واري نڪتي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي انهن شين کي نظر انداز ڪري اڳتي نه ٿو وڌي سگهجي، جيڪڏهن هو ايگزيڪيوٽو جا اختيار به وٺي ڇڏين ته باقي ادارا بند ڪري ڇڏيو هڪ ادارو ڪم ڪري، جون اچي رهيو آهي بجيٽ به اهو پيش ڪري، هن چيو ته پنجاب جي ليڊر کي ٽي ڀيرا چونڊن کان ٻاهر رکيو ويو، توهان 10 سال ان کي ملڪ کان ٻاهر رکي چڪا آهيو، اڄ ڏينهن جي روشني ۾ به اعتراف ڪيو ته 2017ع ۾ غلط فيصلو ڪيو ويو، هڪ شخص بنا سبب جي ٻه اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون، آئين جي تشريح ڪندڙ کي پڇڻ گهرجي ته سياسي جماعتن سان ڳالهيون ٿينديون آهن، دهشتگردن سان نه، جيڪڏهن عمران سان ڳالهيون ڪرڻ مجبوري آهي ته پوءِ ان بدران جنرل فيض ۽ ثاقب نثار سان ڳالهيون ڪريو، عمران خان، جنرل (ر) فيض حميد، جسٽس (ر) ثاقب نثار کي اڄ گرفتار ڪيو وڃي، ملڪ ترقي جي پٽڙي تي چڙهي ويندو، 70 سيڪڙو ملڪي مسئلا حل ٿي ويندا.  وفاقي وزير شازيه مري چيو ته جهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ان کان پوءِ پاڪستان جي آئين ۽ جمهوريت جو وڏو نقصان ٿيو، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ارڙهين ترميم جي ذريعي ملڪ کي مضبوط ڪيو، پنجاب ۾ هڪ ڪٺ پتلي کي ويهاريو ويو، اتي هڪ عورت ٽرانسفر پوسٽنگ ڪندي رهي، مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته جماعت اسلامي جي امير ملڪ کي موجوده بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڳالهين جو سلسلو شروع ڪيو آهي، اسان نه ٿا چاهيون ته پاڪستان جا ادارا هڪ ٻئي جي سامهون اچي وڃن، ادارن جو پنهنجو پنهنجو آئيني ڪردار آهي، انهن کي ان ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن،