ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله بابت ڳالهائيندي چيو ته ٿر جو عوام فيصلو ڪندو ته ارباب فيملي جو ميمبر صحيح آهي يا آئون صحيح آهيان، هو عزت سان ويٺل آهي يا آئون آهيان، آئون اڄ به پارٽي پاران سڄي سنڌ کي ڏسان پيو، صوبي جي پارٽي منهنجي حوالي آهي، ارباب لطف الله ته ڏيپلي جو به ليڊر ناهي، هن کي ٿر ۾ پيپلا به نٿا سهن،هن کي به پيپلن سان هلڻ جي تميز ڪونهي، جيڪڏهن پيپلن جا پير جهليا اٿس ته هنن سان ته تميز سان هلي پر هو چوي ٿو ته آئون امير حسن جو پٽ آهيان. هن کي ڪامريڊن وارو رويو رکڻ گهرجي، آئون ٻڌايان ٿو ته پيپلا هن کي ڪونه سهندا.