ادارا غلط فهمي ۾ نه رهن ته تشدد سان عزت ڪرائيندا: عمران خان

0
243
ادارا غلط فهمي ۾ نه رهن
ادارا غلط فهمي ۾ نه رهن ته تشدد سان عزت ڪرائيندا: عمران خان

مردان: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ادارن کي چوان ٿو ته اِن غلط فهمي ۾ نه رهو ته تشدد سان عزت ڪرائيندئو، چورن کي اين آر او ڏيندڙ ملڪ جا غدار آهن

مردان ۾ جلسي کي خطاب دوران عمران خان چيو ته چورن کي اين آر او ڏيندڙ ملڪ جي غدارن خلاف نڪرندس، عوام تيار رهي، هاڻي ڪال ڏيڻ ۾ گهڻي دير نه لڳندي
عمران خان چيو ته شهباز گِل کانپوءِ اعظم سواتي کي اگهاڙو ڪري تشدد ڪيو ويو، جيڪو سمجهي ٿو جيل وڃڻ سان عمران خان پوئتي هٽي ويندو، اهي پنهنجي دماغ ۾ ڳالهه وجهن ته آئون اڃا وڌيڪ زوردار مقابلو ڪندس
جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن کان عمران خان سان وفاداري جو حلف ورتو ويو

ھي به پڙھندا

عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ وارو ڪيس: عمران خان جي ضمانت منظور

پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي گرفتار، جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي