نوري آباد سانحو: 18 فوتين جا مڙهه اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي قيامت جا منظر

0
382

نوري آباد سانحي جي 18 فوتين جا مڙهه اباڻي ڳوٺ پهچڻ تي ڪُهرام مچي ويو، عورتن ۽ ٻارڙن سميت هڪ ئي وقت 18 ڄڻن جا مڙهه ڏسي ماڻهو روئي ويٺا

جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن مان به ماڻهو پهچي ويا، عورتون اوڇنگارون ڏينديون رهيون آهن
نوري آباد ويجهو گذريل رات ڪوچ کي باهه لڳڻ سبب 18 ڄڻا سڙي فوت ٿيا هئا، فوتين ۾ 8 ٻار ۽ 9 عورتون شامل آهن

مغيري برادري جا ماڻهو ٻوڏ جي صورتحال سبب ڪراچي لڏي ويا هئا، پاڻي لهڻ بعد اباڻن پڊن ڏانهن واپسي تي حادثي جو شڪار ٿيا
فوتين جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ کان بچي وياسين ته حادثي ماري ڇڏيو

ھي به پڙھندا

ٻوڏ جو پاڻي گهٽجڻ بعد اباڻن ڪکن ڏانهن ويندڙ ڪي اين شاهه جي ٻوڏ متاثرن سان خوفناڪ حادثو : ٻارن سوڌو 16 ڄڻا سڙي فوت