نيويارڪ (دلچسپ نيوز) آمريڪا ۾ هڪ شخص دنيا جا سڀني کان وڏا ۽ گهاٽا وار رکڻ جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ڪيليفورنيا واسي بيني بارليم انوکو اعزاز ماڻيو، بيني بارليم جي وارن جو انوکو اسٽائل 2016 ۾ دنيا ۾ مشهور ٿيو،ماڊل پنهنجا انوکا ۽ ڊگها وار رڪارڊ لاءِ گنيز بڪ لاءِ پڻ اماڻيا،گنيز بڪ آف دي ورلڊ رڪارڊ معائني ڪرڻ بعد کيس اعزاز ڏنو. بيني بارليم جي ڌيءَ جو به هيئر اسٽائل سندس جيان آهي. وارن جو خيال رکڻ جي حوالي سان هن چيو آهي ته مان پنهنجي وارن جي لاءِ گهر جو ٺاهيل خاص شيمپو ئي استعمال ڪندو آهيان جنهن کي قدرتي شين سان تيار ڪيو ويندو آهي.هن ٻڌايو ته مان پنهنجي وارن کي هڪ ٻوٽي جيان سمجهندو آهيان جهڙي طرح ٻوٽي کي وڏي ٿيڻ جي لاءِ قدرتي غذائيت جي ضرورت هوندي آهي باالڪل اهڙي طرح جسم ۽ روح کي به ان جي ضرورت هوندي آهي. ماڊل وڌيڪ ٻڌايو ته جهڙي طرح اسان پنهنجو کاڌو ٺاهيندا آهيون اهڙي ئي طرح اسان پنهنجو شيمپو به ٺاهيندا آهيون.