نواز شريف کي ڏيهه واپس اچڻ گهرجي، جيل ۾ وڃڻ سان قيامت ناهي ايندي:شيخ رشيد

0
264

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گھرو وزير شيد رشيد چيو آھي تھ نواز شريف کي ڏيهه واپس اچڻ گهرجي، جيل ۾ وڃڻ سان قيامت ناهي ايندي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نواز شريف جو پاسپورٽ 16 فيبروري تي ڪينسل ٿي ويو، نواز شريف هاڻي يا ته اپيل ڪندو يا برطانيا ۾ پناهه وٺندو، مون کي لڳي ٿو نواز شريف برطانيا ۾ پناهه نه وٺندو، ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت سان ملڪ ۾ جهرڪي به ڦڙڪو نه هنيو، شهباز شريف اُن کان وڏو ليڊر ناهي جو سندس گرفتاري سان قيامت برپا ٿي ويندي، ايندڙ 6 مهينن ۾ خطي جون حالتون تبديل ٿي رهيون آهن، اپوزيشن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي، پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته داسو ڊئم واقعي تي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي، پرڏيهي کاتو رپورٽ بابت اعلان ڪندو، عمران خان مضبوط شخص آھي، حڪومت نھ پئي وڃي، اپوزيشن ناڪام ٿي وئي آھي.