نيروبي (دلچسپ نيوز)ڪينيا ۾ مداحن ڪورونا وائرس وگهي فوت ٿي ويل گلوڪار جي قبر کوٽي ڇڏي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڪينيا جو گلوڪار 33 ساله جاچيڪا ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو هو ۽ انتظاميه طرفان ان جي آخري رسمن ۾ مداحن کي شرڪت ڪرڻ کان روڪيو ويو هو. گلوڪار سان محبت سبب ان جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ جا خواهشمند هزارين پرستار قبرستان پهچي ويا پر پوليس جي وڏي نفري مداحن کي قبرستان ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو.پوليس طرفان شيلنگ ۽ لاٺي چارج جي باوجود مداح قبرستان ۾ داخل ٿيا ۽ گلوڪار جي قبر ڪشائي ڪرڻ کان پوءِ تابوت کڻي فرار ٿي ويا.پرستارن جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي پياري گلوڪار جون آخري رسمون پوري عقيدت ۽ احترام سان ادا ڪرڻ چاهيون ٿا.