نئين دهلي (دلچسپ نيوز) ٽڪ ٽاڪ تي مشهور ٿيڻ جي خواهش ۾ ٿاڻي ۾ انسپڪٽر جي ڪرسي تي ويهي گانو ڳائي وڊيو ٺاهيندڙ 4 دوست گرفتار ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ تي مشهور ٿيڻ جي چڪر ۾ ڀارتي رياست آگرا ۾ انوکو واقعو پيش آيو، 4 دوستن جي هڪ گروپ مقامي جڳديش پورا ٿاڻي ۾ پوليس جي غير موجودگي جو فائدو وٺي داخل ٿي وڊيو ٺاهي ورتي وڊيو وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ 4 دوستن کي جڳديش پورا ٿاڻي ۾ داخل ٿي گانو ڳائيندي ۽ وڊيو ٺاهيندي ڏسي سگهجي ٿو، هڪ دوست انسپڪٽر جي ڪرسي تي ويٺل به نظر اچي ٿو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد آفيسرن پاران ٿاڻي جي عملي کان سخت پڇاڻو ڪيو ويو، ٿاڻي جي انچارج کان پڇيو ويو ته ٿاڻو خالي ڇو ڇڏيو ويو؟ ڇوڪرا ڪيئن داخل ٿيا؟ آفيسرن جي سخت پڇاڻي بعد پوليس حرڪت ۾ اچي وئي. پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪندي 4 ئي دوستن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته کائنن پڇاڻو ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان ٿاڻي جي انچارج انسپڪٽر ٻڌايو ته وڊيو ان وقت ٺاهي وئي جڏهن اسين ميٽنگ لاءِ ٻاهر ويل هئاسين. انچارج موجب ڇوڪرن ٿاڻو خالي ڏسي اها حرڪت ڪئي کائن پڇا ڪئي پئي وڃي.