آسٽريلوي شھري جا ڪلاڪ ۾ 31 سئو کان وڌيڪ پش اپس، عالمي رڪارڊ قائم

0
309
آسٽريلوي شھري جا ڪلاڪ

سڊني(انٽرسٽنگ نيوز) آسٽريلوي ايٿليٽ ھڪ ڪلاڪ ۾ 3100 کان وڌيڪ پش اپس لڳائي ٻيو ڀيرو عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو.ڪجھھ ماڻھو وزن کڻڻ کان اڳ پش اپس لازمي لڳائيندا آھن تھ صجيئن جسم کي وارم اپ ڪري سگھجي پر ڪجھ ماڻھو جسماني طاقت ۽ لاڳيتو پريڪٽس سبب اوترا ماھر ٿي ويندا آھن جو لڳاتار ڪيترائي پش اپس لڳائي وٺندا آھن

ايئن ئي ھڪ شخص ھڪ ڪلاڪ ۾ 3182 پش اپس لڳائي پنھنجو ئي عالمي رڪارڊ ٽوڙيو. آسٽريلوي ايٿليٽ ڊينئل اسڪيلي پھريان بھ پش اپس لڳائڻ جو ورلڊ رڪارڊ ٺاھي چڪا،2021ع ۾ ھنن 3054 پش اپس ھڪ ڪلاڪ ۾ لڳايا ھئا