آئين جي گولڊن جوبلي ۽ نئون عمراني معاهدو

0
216
آئين جي گولڊن جوبلي ۽ نئون عمراني معاهدو

  1973ع جي آئين اڄ پنهنجي گولڊن جوبلي مڪمل ڪري ورتي آهي. پاڪستاني عوام لاءِ اڄ فخر جو ڏينهن آهي. 10 اپريل 1973ع تي پاڪستان جي دستور ساز اسيمبلي جنهن دستور (آئين) جي منظوري ڏني هئي، اهو پنجاهه سالن کانپوءِ به نه صرف برقرار آهي، ويتر وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. 2023ع کي آئين جي گولڊن جوبلي جي سال طور ملهايو پيو وڃي. ان موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ اهو بيان سامهون آيو هو ته پاڪستان کي هڪ نئين عمراني معاهدي (نيو سوشل ڪنٽريڪٽ) جي ضرورت آهي، جنهن جي ذريعي سمورا اختيار فوج کان سياسي ادارن کي منتقل ٿي سگهن. ان جو مطلب اهو آهي ته عمران خان هڪ نئين آئين جو مطالبو ڪري رهيو آهي، ڇو ته آئين ئي عوام ۽ رياست جي وچ ۾ عمراني معاهدو هوندو آهي. صرف عمران خان ئي نه، پر ٻين حلقن طرفان به نئين عمراني معاهدي يعني نئين آئين جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته پاڪستان مسلسل آئيني، سياسي ۽ معاشي بحرانن جو شڪار رهيو آهي ۽ اڄ به بحران شدت اختيار ڪري چڪا آهن. ان جو سبب اهو آهي ته 1973ع جو آئين انهن بحرانن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نٿو رکي. منهنجي خيال اهو تاثر تاريخي حقيقتن جي ابتڙ آهي. حقيقت اها آهي ته 1973ع وارو آئين ناڪام ناهي ٿيو پر ان جي مخالفت ڪندڙ پنهنجن اندروني تضادن جي ڪري پاڻ بحران جو شڪار آهن ۽ اهي پاڻ پنهنجي بحران کي قومي بحران جو نالو ڏئي 1973ع جي آئين تي آخري حملو ڪرڻ ٿا چاهين ۽ عمران خان انهن جو مهرو آهي.

آئين ڪو اهو جامد دستاويز ناهي، جنهن ۾ ڪا تبديلي نه ڪري سگهجي. وقت سان گڏوگڏ ان ۾ تبديلي ٿيندي رهڻ گهرجي، جيئن 18هين آئيني ترميم جي ذريعي 1973ع جي آئين وڌيڪ بهتر بڻايو ويو پر ان جي بنيادي اسڪيم ۽ روح کي برقرار رکيو ويو. ان آئين ۾ پاڪستان کي هڪ وفاق تسليم ڪيو ويو آهي، جيڪو وفاقي ايڪائين (صوبن) تي مشتمل آهي. اهو آئين پاڪستان جي بقا لاءِ وفاقي، پارلياماني، جمهوري حڪومتي نظام کي لازمي قرار ڏئي ٿو. ان آئين ۾ وفاقي ايڪائين کي خودمختياري جي ضمانت ڏني وئي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به نئين عمراني معاهدي جي ڳالهه ڪئي هئي پر هن به 1973ع واري آئين جي بنيادي اسڪيم ۽ روح کي برقرار رکڻ جو ذڪر ڪيو هو. محترمه نئين عمراني معاهدي جي ذريعي صرف اهو چاهيندي هئي ته آئين ۾ اهڙيون تبديليون ڪيون وڃن، جن سان فوج، عدليه ۽ ٻين ادارن جون آئيني حدون واضح ٿي وڃن، ته جيئن اِهي اُهي حدون اورانگهي نه سگهن ۽ سولين بالادستي کي قبول ڪري وٺن. پر ان جو ابتڙ عمران خان جي نيت ڪجهه ٻي آهي. هو ملڪ ۾ صدارتي حڪومتي نظام جو حامي آهي. هو 18هين آئيني ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو ملڪ ۾ انتظامي بنيادن تي ننڍا ننڍا نوان صوبا ٺاهي وفاقي ايڪائين جي تاريخي وحدت کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. اهڙي طرح هو 1973ع جي آئين کي مڪمل طرح تبديل ڪري هڪ اهڙو آئين آڻڻ ٿو چاهي، جنهن ۾ پاڪستان هڪ وفاق نه رهي ۽ هڪ وحداني رياست بڻجي وڃي. ان جو اهو تجويز ڪيل آئين 1973ع جي آئين جي بنيادي اسڪيم ۽ روح جو ابتڙ آهي. جيڪڏهن ائين ٿي ويو ته اهو پاڪستان جي سلامتي لاءِ انتهائي خطرناڪ هوندو، ڇو ته وفاقي ايڪائيون اهڙي آئين کي تسليم ڪو نه ڪنديون. جيستائين سمورا اختيار فوج کان سياسي ادارن کي منتقل ڪرڻ واري عمران خان جي ڳالهه جو تعلق آهي، ته ان سان بنيادي جمهوري ڌارا جون سموريون سياسي قوتون متفق آهن. عمران خان ڪڏهن به ان بنيادي جمهوري ڌارا ۾ شامل ناهي رهيو. بنيادي جمهوري ڌارا جي سياسي قوتن اقتدار تي فوجي قبضي ۽ سياست ۾ فوج جي مداخلت کي روڪڻ سان گڏوگڏ عدليه طرفان آئين کان مٿانهن فيصلن جي تدارڪ لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. انهن قوتن فوجي بغاوت (Military Coup)، پارليامينٽ ۽ انتظاميه ۾ عدالتي مداخلت کي روڪڻ لاءِ جمهوري تحريڪن ۾ قيد ۽ بند جون تڪليفون برداشت ڪيون، ڦٽڪا کاڌا ۽ ڦاسي تي چڙهي ويا. انهن قوتن نه صرف 1973ع جو آئين اتفاق راءِ سان منظور ڪيو پر 18هين آئيني ترميم پڻ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي، جنهن جي ذريعي نه صرف آئين جي بنيادي روح کي مسخ ڪندڙ ترميمن جو خاتمو ڪيو ويو پر غير سياسي قوتن جي مداخلت جا رستا به بند ڪيا ويا. عمران خان فوج جي ذريعي اقتدار ۾ آيو ۽ اقتدار مان نڪرڻ کانپوءِ فوج ۽ عدليه کي کليل نموني مداخلت جي دعوت ڏيندو رهيو. هن پنهنجي سياسي مخالفن کي ڪرپٽ، چور ۽ ڌاڙيل چئي سياست کي گار بڻائي ڇڏيو ۽ سياسي ۽ جمهوري قوتن کي ڪمزور ڪري غير سياسي قوتن کي مضبوط ڪيو. هن غير سياسي قوتن جي ڪرپشن جي پرده پوشي ڪئي. سياسي مخالفن کي ڪرپٽ، چور ۽ ڌاڙيل چوڻ جو عمران خان جو بيانيو سندس پنهنجو نه هو ۽ ان جو هن اهو چئي اعتراف ڪيو ته کيس “ادارن” چيو هو ته ان جا سياسي مخالف چور، ڌاڙيل ۽ ڪرپٽ آهن. عمران خان جو بيانيو دراصل اسٽيبلشمينٽ جو پراڻو بيانيو آهي، جيڪو 1947ع کان هلندو اچي. 1947ع کان ئي حقيقي سياستدانن کي ڪرپٽ چئي سياسي قوتن کي ڪمزور ڪرڻ جو سلسلو هلندو اچي. احتساب جي نالي تي ايبڊو، پروڊا ۽ پوڊا جهڙا ڪارا قانون بنايا ويا، جن جي ذريعي حقيقي سياستدانن کي نه صرف نااهل ڪيو ويو پر رسوا پڻ ڪيو ويو. هي اهي سياستدان هئا، جن پاڪستان جي تحريڪ ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو هو ۽ جن جي ديانتداريءَ جو وقت به قسم کائيندو هو. اسٽيبلشمينٽ پاڪستان کي حقيقي جمهوري رياست بنائيندڙن جو احتساب جي نالي تي صفايو ڪيو ۽ پنهنجي حامي جعلي سياستدانن کي ڪرپشن کلي موڪل ڏني. اهڙي ريت احتساب جي سرشتي کي سياسي انتقام جو سرشتو بڻايو ويو، جنهن جي ڪري ڪرپشن قوم جي سرير ۾ سرايت ڪري وئي آهي. عمران خان ان جي آخري ڪڙي آهي.

سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته عمران خان پنهنجي مخالف سياستدانن سان گڏجي ويهي ڳالهيون ڪو نه ڪندو ته پوءِ نئين عمراني معاهدي تي ڪنهن سان ڳالهيون ڪندو؟ ان کي گهرجي ته هو جيڪڏهن واقعي به سياست ۾ فوج جي مداخلت روڪڻ چاهي ٿو ته هو سياسي قوتن سان گڏجي هڪ نئون ميثاق جمهوريت (چارٽر آف ڊيموڪريسي) تي ڳالهائي. ان نئين ميثاق جو بنياد 14 مئي 2006ع وارو لنڊن جو ميثاق جمهوريت هجي. ان ميثاق جي روشني ۾ آئين ۾ اهڙيون تبديليون ڪيون وڃن، جنهن سان فوجي بغاوت، سياست ۾ فوج جي مداخلت، عدالتي بغاوت، مقننه ۽ انتظاميه جي معاملن تي مداخلت لاءِ جوڊيشل ايڪٽيوزم جو رستو هميشه لاءِ بند ڪيو وڃي. 1973ع جي آئين جي بنيادي اسڪيم ۽ روح کي برقرار رکندي ان ۾ ترميمون ڪيون وڃن. اهو آئين پاڪستان جي سلامتي جو ضامن آهي. ان جي بنيادي روح ۽ منشا جي خلاف جيڪڏهن ڪو نئون آئين آندو ويو ته وفاق پاڪستان جي سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي. هن وقت پنجاب ۾ اقتدار تي قبضي جي جيڪا جنگ ٿي رهي آهي، اها بنيادي طور تي اسٽيبلشمينٽ جي ان ايجنڊا تي ٿي رهي آهي ته نئون آئين آندو وڃي. 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي تي وڌيڪ خبردار رهڻ جي ضرورت آهي.