هاڻي ته لڙائي ادارن جي اندر به ڦهلجي وئي آهي!

0
257
عوام جي ٻانهن ۾ ڇَٽ پَٽن سان هڻڻ جيترو ٻَل موجود آهي
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

اهي بحران ئي آهن، جن هن ملڪ جي سموري سسٽم کي منجي داخل ڪري ڇڏيو آهي. هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ سان ئي بحرانن کي ڄڻ ته راهداري مليل هجي. بحران هتي قطارون ڪري ايندا رهيا آهن، نه صرف ايندا آهن، پر بحرانن کي سازگار ماحول ميسر هجڻ جي ڪري اهي نه صرف هتي مستقل مهمان بڻجي ٿا وڃن پر آنا ۽ ٻچا ڏيئي پنهنجي “آبادي” پڻ وڌائي رهيا آهن، ڇو ته جڏهن بحرانن کي حل نه ڪيو ويندي ته اهڙي ئي صورتحال پيدا ٿيندي، جهڙي هن وقت پاڪستان کي درپيش آهي. بحران حل ڪرڻ لاءِ ذميدار شخصيون ۽ ادارا خود هن ڀيري “تخت طائوس” جي لڙائيءَ ۾ جهيڙيندڙن جي ڌر بڻجي ويا آهن ۽ اها لڙائي هاڻي انهن ادارن اندر به وڙهي پئي وڃي، جنهن اسان جي انهن ادارن کي سڄي دنيا ۾ کِل- هاڻو ڪري ڇڏيو آهي. صدر مملڪت عدالتي سڌارن وارو بل پارليامينٽ کي نظرثانيءَ واري “نصيحت” سان گڏ واپس ڪري چڪو آهي، ۽ چيو آهي ته ان بل ۾ پارليامينٽ پنهنجا اختيار اورانگهيا آهن. ٻن معزز ججن جي آيل تفصيلي فيصلن کان پوءِ ڇڪتاڻ ان حد تائين وڌي وئي آهي، جو “مُک منصف” کان استعيفا ڏيڻ جا مطالبا وڌي ويا آهن.

تصوراتي هما پکي ته آسمانن تي اڏامندو آهي، پر هتي جي مقتدر قوتن وٽ “پڃري ۾ پاليل” پنهنجو “هما پکي” پڻ آهي، جنهن جا ڦيرا اهي قوتون، جنهن جي سر تان ڏيارين، اهو “قصرِ سلطاني“ جو مڪين ٿي ٿو وڃي. هن ڀيري به اهڙوئي تجربو ڪيو ويو هو، پر اهو تجربو مقتدر قوتن کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. توڙي جو اهي پنهنجي “غلطي” Undo ڪري چڪا آهن، پر ان غلطيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ بحران جند نه پيا ڇڏين. هڪ طرف ملڪ معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، ڊفالٽ وارو رسمي اعلان ئي باقي رهجي ويو آهي، کٿابين واري تحريڪ مان دهشتگرديءَ جا خطرا وڌي ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ هي سياسي بحران ڪٿي وڃي دنگ ڪندو؟ ڳالهه صرف هڪڙي بحران جي به نه آهي، ڪئين محاذ کوليا ويا آهن. اها لڙائي ادارن جي اندر به ڦهلجي وئي آهي. نه صرف ڦهلجي وئي آهي پر واضح صفبندي به سامهون اچي وئي آهي. هڪ پاسي وزير اعظم جي آفيس آهي ته ٻئي پاسي صدر مملڪت جو دفتر آهي، هڪ پاسي “هما پکيءَ جا وارث” آهن ته ٻئي پاسي مفتي ۽ منصف آهن. اهڙي واضح ورڇ هن کان اڳ عوام ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. اهڙي صورتحال ۾ تدبر کان ڪم نه ورتو ويو ته، گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو. اجائي هوڏ ۽ ضد ڇو آهي؟ اقليت وارو فيصلو اڪثريت تي ڇو پيو مڙهيو وڃي؟ صورتحال جي سنگينيءَ جو ادراڪ ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ هنن خراب حالتن جي واهوندن ۽ واچوڙن ۾ معمولي چڻنگ به ٻيلا ٻاري ويندي. صورتحال کي سنڀالڻ ۽ سرچاءَ جي ڪا صورت پيدا ڪرڻ بدران مختلف ڌريون پنهنجن بيانن سان ٻرنديءَ تي تيل وارو ڪم ڪرڻ ۾ وسان نه پيون گهٽائين. ان ڇڪتاڻ سبب نه صرف پارليامينٽ جي بي توقيري ٿي رهي آهي پر ٻيا ادارا به نيڪنامي نه پيا ڪمائين. ڇڪتاڻ جڏهن ايتري ڦهلجي وڃي، جو ملڪ جا اهم ادارا به ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ته ان کان وڌيڪ وڏي ڳڻتيءَ جي ٻي ڳالهه ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟

اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته ملڪ کي اقتدار جي جنگ جو ميدان بڻائي گهرو ويڙهه ۽ تباهيءَ ڏانهن نه ڌڪيو وڃي. پنهنجن اعليٰ منصبن ۽ ادارن جي وقار جو خيال رکيو وڃي. ٻي اهم ڳالهه اها ته هن وقت ملڪ جي معيشت وينٽيليٽر تي آهي، ڪنهن به وقت ڪو ننڍڙو جهٽڪو به ان معيشت جي ساهه جو سڳو ٽوڙي سگهي ٿو. ان کانپوءِ ڪهڙيون حالتون ٿي سگهن ٿيون، انهن جو تصور کي ڪنبائيندڙ آهي. ان ڪري ملڪ جي موجوده صورتحال کي سنگينيءَ کي محسوس ڪندي ڪو حل ڪڍيو وڃي.