ھڪ جپسي ڪالم … زوربا دي سکر

0
448
ھڪ جپسي ڪالم ... زوربا دي سکر

  ھُو ايئن ئي ھو، جيئن گل جي ھيٺان ڪو ڪنڊو ھوندو آھي. ھُو پنھنجي گلاب جي گل جي اڻ- دوست ھٿن کان حفاظت ڪندو ھو، مان ھن کي “زوربا دي سکر” چوندو ھئس، يوناني ادبي ديوتا نائڪوس ڪازانت زاڪس جي ناول “زوربا دي گريڪ” تي آڌاريل مون اھا مووي ممتاز بخاريءَ سان گڏ ڏٺي ھئي ته مون ممتاز کي ٻڌايو ھو ته اھڙو ئي ھڪ ڪردار سکر ۾ به آھي ۽ ان جي زندگي به گھڻي تڻي اپ  ڊائون ۽ زگ زيگ رھي آھي. ھميشه جيان ممتاز مرڪي چيو، “پيارا لوڪو شيڊ جي ماڌوري ۽ ڪاجول جيان زوربا تي به ھڪ ناول لکندس” ۽ مووي تان پاز جو بٽن ھٽائي ڇڏيائين.

                 مان پنھنجي زندگيءَ جا 90ع جي ڏھاڪي وارا بوھيمين ٽائپ سالَ ميمڻ محلي جي ھڪ “ارم ھوٽل” ۾ ماھوار رينٽ تي  گذاريا ھئا، جيڪو پڻ ھڪ ميمڻَ جي ملڪيت ھو. اھو ارم ھوٽل منھنجي ذھن ۾ اڄ به ڪنھن “پئراڊائيز لاسٽ” جيان جاڳي رھيو آھي. ڪمال جا ڏينھن ۽ ڪمال جون راتيون ھونديون ھيون، جن ۾ ڪنھن به قسم جون پابنديون ۽ ڪا روڪ ٽوڪ ڪانه ھوندي ھئي، عام طور تي شام جو مان پنھنجي ھوٽل جي سامھون لاھوتيءَ واري ھوٽلَ تي ويھندو ھوس، جتي اھو لاھوتي وڏي آواز سان جھازي سائيز جي اسپيڪرن تي گانا، ڌمالون ۽ قواليون وڄائيندو ھو. کوڙ سارا ماڻھو جام وقت اتي ويھندا ھئا ۽ ويٺا پنھنجو مٿو پيا لوڏيندا ھئا. ان ھوٽل جي ڀڪ ۾ ئي فردوس ھوٽل ھوندي ھئي، جنھن ۾ اسان جو پيارو صحافي ۽ شاعر شوڪت نوناري به رھندو ھو. ان ڏينھن شام جو مان ان ھوٽل جي ڪمال ذائقي واري کير پتي چانھ سِپ ڪري رھيو ھوس ته ھڪ شھزور ٽائپ مڙسالو اچي منھنجي ڀڪ ۾ ويھي رھيو. ھو پڪي عمر جو لڳ ڀڳ 35 کان 40 سالن جو لڳي رھيو ھو. اڇي پھراڻ تي مفلر پاتل ھئس. جنھن کي بار بار ڳچيءَ جي چوڌاريءَ ورائي رھيو ھو. شايد اھو ھن جو ڪو شخصي انداز ھو. ھن مون کان ٻيڙي گھري، پر مون چيو مان سگريٽ نه پيئندو آھيان، پر مان ھن کي سگريٽ پيئاري سگھان ٿو، ائين چئي مان ڀڪ واري مانڊڻيءَ مان امر اقبال جيان ٻه سگريٽ وٺي آيس. ھن وٽ ماچيس جي دٻي ھئي، ھن منھنجو ۽ پنھنجو سگريٽ دکايو ۽ ڊگھا ڊگھا سُوٽا ھڻڻ لڳو، ڄڻ ڪنھن وڏي جنگاڻ ۾ رُڌل ھجي. ٿوري دير بعد ھو اٿي ھليو ويو. ان بعد ھن سان منھنجون لڳ ڀڳ ڏھارو کن اھڙيون مختصر ملاقاتون ٿيون ۽ آھستي آھستي ھو ھاڻ مون سان ڳالھائڻ ٻولھائڻ لڳو ھو. ھن جو لھجو گھڻو تڻو مڪراڻي ٻروچن ٽائپ ھوندو ھو ۽ ھر جملي ۾ اڙي ۽ ڪا گار ضرور استعمال ڪندو ھو. ھُو تمام گھٽ شيو ڪندو ھو ۽ ڏندن کي ته ڄڻ صفا برش ڪونه ڪندو ھو، پر مون ان شئي کي ڪڏھن به اھميت ڪانه ڏني. آھستي آھستي ھن مون سان پنھنجا حال اورڻ شروع ڪيا. ھو انھن ڏينھن ۾ شام جو ٽين وڳي کان رات جو ٻارھين وڳي تائين پئراڊائيز سينما ۾ ٽڪيٽون وڪڻندو ھو، بس اھائي ڊيوٽي ھوندي ھيس. انھن ڏھاڙن ۾ سکر شھر وٽ پنج سينيمائون ھونديون ھيون ۽ انھن ۾ وڏي پيھَ ۽ رش ھوندي ھئي. جڏھن به منھنجي يارن دوستن جو فلم ڏسڻ جو پروگرام ٿيندو ھو ته بليڪ ٽڪيٽن جي ڏھاڙن ۾ به ھو اسان جون ٽڪيٽون پاڻ وٽ وٺي رکندو ھو ۽ پوءِ اسان کي ڏيندو ھو. مون ھن کي ڏاڍو گھٽ مرڪندي ڏٺو. ھن جي چپن تي ھڪ گھري سنجيدگي ڇانيل ھوندي ھئي ۽ ھميشه ايئن لڳندو ھو ته اجھو ھاڻ ھُو ڪا گار ڪڍندو پر ھن مون کي ڪڏھن ڪا اڙي جھڙي گار به ڪانه ڏني ھئي. ھن سان منھنجون ملاقاتون لڳ ڀڳ ڏھ مھينا کن ھليون ھيون. ھن جو نالو ڪالو ھو ۽ ھر جملو ھڪ گار سان گڏائي ادا ڪندو ھو پر مون ھن جي ڪابه ڳالھ دل ۾ نه ڪئي. مون محسوس ڪيو ته ھوريان ھوريان ھُو گم سُم رھڻ لڳو ھو. ھُو جڏھن به ملندو ھو، سانوري چھري تي غم جي ڪا گھري ريکا ھن جي اکين کان ٿيندي چپن جي گھنجن ۾ڪٿي گم ٿي ويندي ھئي،. ھن مون کي ٻڌايو ھو ته ھن وٽ، ھن جي گھر ۾ چار پوڙھيون مايون رھن ٿيون، جن جو ھُو خيال رکندو آھي. اھي چار ئي ھن کي سکر جي ڪنھن نه ڪنھن گھٽيءَ ۾ رلندي پنندي مليون ھيون. ھُو ايڏو ته رحمدل ھو جو جيڪو ڪجھ به ڪمائي ايندو ھو، انھن چئن جي حوالي ڪندو ھو ۽ ھُو چارئي ھن جي آندل شين جا پنج حصا ٺاھينديون ھيون ۽ پوءِ ھُو سڀ اھو گڏجي کائيندا ھئا. منھنجي ھن سان جيڪا آخري ملاقات ٿي ھئي، ان ۾ ھن مون کي چيو ھو ته ڪڏھن منھنجي آستاني تي ھلجانءِ، اتي ڪچھري به ڪنداسين ته چانھ به پيئندا سين.

ان بعد مان يونيورسٽيءَ ۾ پنھنجي سمسٽرس جي تياريءَ ۾ گم ٿي ويو ھوس ۽ ڪالوءَ جي ڪابه خبر چار ڪانه رکي ھيم. پنجين مھيني ڪالو مون کي گھنٽا گھر تي ملي ويو ۽ ڪيفي الفريد ۾ مون ھن کي چانھ پيئاري. ھُو ڪافي وقت چانھ جي خالي ڪيل ڪوپ سان کيڏندو رھيو ۽ آخر ڪار وراڻيائين، “يار، مان انھن پوڙھين کي لاوارث نه ٿو ڇڏڻ چاھيان، ويچاريون مجبور آھن، ڪوبه اوھي واھي ڪونه اٿن، مون کي ڪجھ به ٿيو ته ھي ماڻھو ھڪ ڪلاڪ اندر انھن کي منھنجي گھران ڪڍي سنگسار ڪري ڇڏيندا، مون کي ڪو اھڙو پتو ڏي، جتي مان انھن کي ڇڏي اچان، ڇو ته آچر گھٽيءَ وارو ڊاڪٽر چوي ٿو توکي اھڙي بيماري ٿي پئي آھي، جنھن جو ڪوبه علاج ڪونھي”. مون کيس آٿت ڏني ۽ کيس چيو ته مايوس نه ٿجي، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.

ھن جو گھر شھر جي ھڪ امام بارگاھ جي ڀڪ ۾ ھو، جتي سکر جي بازارِ حسن جون سرحدون کٽنديون آھن. ھن جون چار پوڙھيون سُريتون پوءِ مون ڏٺيون به ۽ انھن سان ڪچھري به ڪئي ھئي. اھي اسان جي معاشري جون ڌڪاريل ۽ اڇلايل عورتون ھيون، جن جي جسمن ۾ جڏھن ڪوبه نور ۽ چس نه رھيو ته انھن کي انھن جي مالڪن يا مائٽن گھران ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ ھُو شھر جي مختلف پاڙن سان تعلق رکنديون ھيون. ڪالوءَ سان انھن جي ڪا شادي ٿيل ڪانه ھئي پر اھي ڄڻ ته ڪالوءَ جون اصلي گھر واريون ھيون. ڪڏھن ڪڏھن ڪالو جڏھن موج ۾ ايندو ھو ته انھن سان پنھنجي جنسي سنڀوڳ جا قصا ٻڌائيندو ھو ۽ اھي قصا ڪمال جا ھوندا ھئا. پاڪستاني ڇسي ۽ دقيانوسي معاشري ۾ مان اھي قصا ھتي لکي ئي ڪونه ٿو سگھان. ڪالو جيئن ته ڪجھ به پڙھيل لکيل ڪونه ھو، ان ڪري ھن وٽ لفظن ۽ جملن جي ڪابه انجنيئرنگ ڪانه ھئي، ھُو سڌي ٻوليءَ ۾ ڳالھ ڪندو ھو ۽ مان جيئن ته اڃان نوجوان ھئس ته ھن جا جنسي قصا ٻڌي منھنجي ڪن جون پاپڙيون سرخ ٿي وينديون ھيون.سڀني کي خبر ھئي ته ڪالوءَ وٽ اھي مايون سريتون ھيون، زالون نه ھيون، پر ڪالوءَ جي ھاٺيءَ ۽ ڳاڙھين اکين اڳيان ڪنھن جي به مجال ڪانه ٿي سگھندي ھئي ته ڪو ھن کي اڙي ڪري سڏ ڪري. ڪالو جيڪو ڪجھ به ڪمائيندو ھو، اھو انھن عورتن جي حوالي ڪندو ھو. ڪالو بي پناھ ڪيئرنگ ۽ خيال رکندڙ انسان ھو. ھن جي اصل خاندان جي آخري ملاقات تائين مون کي خبر ڪانه پئي ته هُو اصل ۾ ڪٿان جو ھو. سکر جو ھو يا ڪو ٻاھران آيل ھو. ھن مون کي ان جي ڪا لکا پوڻ ئي نه ڏني. ھُو پنھنجي دنيا جو مست انسان ھو، جيڪو ٻين جي ڏک کي ته محسوس ڪندو ھو پر ڪنھن کي ڏک نه ڏئي سگھندو ھو. مون کي ڪالوءَ جي جيڪا آخري خبر ملي اھا ھئي ته ڪالو بازارِ حُسن جي کوڙ سارين پوڙھين کي، جيڪي ھاڻ ان سيٽ اپ ۾ ڪنھن به ڪم جون ڪونه رھيون آھن، اسپتال کڻي ويندو ھو ۽ سول اسپتال مان انھن جو مفت علاج ڪرائيندو ھو. اگر دوائن جي ضرورت پوندي ھئي ته ڪنھن به دوست کان اوڌر وٺندي ڪونه ڪيٻائيندو ھو ۽ سڀني کي خبر ھوندي ھئي ته ھُو اھا اوڌر پوري زندگي ادا ڪونه ڪندو. مان ھن کي پيار مان “جنتي ماڻھو” چوندو ھوس.

گهڻا ڏينھن ٿيا، مون سان اسٽيشن تي ھڪ نوجوان اچي مليو، جنھن جي اکين تي نظر جي عينڪ چڙھيل ھئي. ھن مون کي منھنجو نالو وٺي مخاطب ڪيو ۽ ٻڌايو ته ھُو مون کي سڃاڻي ٿو. ھن مون کان ٽرين جي بُڪنگ ڪرائي ۽ ويندي ويندي پنھنجو وزيٽنگ ڪارڊ به ڏئي ويو، جنھن جي پوئتان سھڻي سنڌيءَ ۾ لکيل ھو، “انڪل! مان ڪالوءَ جو پٽ آھيان ۽ ھن جي سڀ کان ننڍي زال مان آھيان. اڄ مون وٽ ٻه مائرون موجود آھن ۽ ٻه منھنجي ننڍپڻ ۾ گذاري ويون ھيون”. ڪارڊ جي پرنٽ ٿيل ٻئي پاسي مان خبر پئي ته ھُو ھڪ فارماسيوٽيڪل ڪمپنيءَ ۾ سکر شھر لاءِ سيلز مينيجر ھو.