ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) آءِ جي سنڌ پاران غيرقانوني طور سنڌ ۾ افغانين کان رشوت وٺندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم، ان ڏس ۾آءِ جي سنڌ ڪراچي جي  ايڊيشنل آءِ جي، حيدرآباد، شهيد بينظيرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻو ۽ سکر جي ڊي آءِ جيز کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته افغان قونصل جنرل ساڻس ملاقات ڪري افغان مهاجرن جي مسئلن بابت پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو آهي، ملاقات دوران افغان قونصل جنرل چيو ته غيرقانوني افغانين خلاف ڪريڪ ڊائون سٺو قدم آهي پر ڪجهه پوليس آفيسر رجسٽريشن ڪارڊ ۽ ويزا رکندڙ افغانين کي بليڪ ميل ڪرڻ ۾ ملوث آهن، افغان قونصل جنرل موجب ڪجهه پوليس آفيسر قانوني طور رهائش پذير افغانين کان ڀتو گھرن ٿا، ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن خلاف فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪن ٿا، افغان قونصل جنرل موجب کيس 180 شڪايتون مليون آهن، اڪثر غيرقانوني افغاني مريض هئا، جيڪي علاج جا پئسا کڻي پهتا ته گرفتار ٿي ويا، گرفتاري وقت پوليس انهن کان رقم به پنهنجي قبضي ۾ ورتي، انهي رقم مان صرف ڪجهه حصو ڪيس پراپرٽي طور ڏيکاريو ويو. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته افغان قونصل جنرل جي اهڙي شڪايت جو آءِ جي سنڌ سختي سان نوٽيس ورتو آهي. افغان قونصل خاني جي اهڙي شڪايت جي شفاف انڪوائري ڪرائي پوليس کي بدنام ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي،