ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جعلسازي ڪيس ۾ گرفتار افغاني شهري يوسف جي اپيل منظور ڪندي سندس سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، ڪالهه ايف آءِ اي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته يوسف کي 2017ع  ۾ سعودي عرب مان واپسي تي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو هو، جوابدار جعلسازي ذريعي پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪيو هو، ان موقعي تي جوابدار جي وڪيل لياقت گبول چيو ته جوابدار سامونڊي رستي سعودي عرب ويو ھو، جوابدار کي پاڪستاني حڪومت پاران نادرا ڪارڊ جاري ٿيل آهي، جوابدار 15 مهينا جيل به ڪاٽي چڪو آهي، نادرا تصديق ڪئي آھي ته جوابدار جا رجسٽريشن وارا سمورا دستاويز اصلي آھن، عدالت جوابدار يوسف جي اپيل منظور ڪندي سندس  سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، واضح رهي ته ٽرائل ڪورٽ يوسف کي 20 سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي.