ميھڙ(ن پ ا)  پي ٽي آءِ ضلعي دادو جي جنرل سيڪريٽري ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي چيئرمين اميدوار نياز علي ٻرڙو دادو جي عدالت مان ضمانت منظور ٿيڻ بعد آزاد ٿي ويو، نياز علي ٻرڙو کي آزادي بعد ريلي جي صورت ۾ شهر آندو ويو، ان موقعي تي نياز علي ٻرڙو پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو   تہ اسان ميھڙ ۾ چونڊون کٽي ويا آھيون پر زبردستي ڌانڌلي ڪري اسان جا نتيجا تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،  پوليس منھنجي گھر تي چڙھائي ڪري گھر مان روڪ رقم سونا زيور کڻي وئي آھي.