آءِ بي اي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوار ھاءِ ڪورٽ سکر پھچي ويا، نوٽيس جاري

0
216
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري

سکر (بيورو رپورٽ) استادن جي ڀرتي لاءِ آءِ بي اي معرفت ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوار ھاءِ ڪورٽ پھچي ويا، مارچ 2021ع ۾ ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن پٽيشن ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ايجوڪيشن کاتي جي ذميوارن کي ڌر بڻايو

عدالت ڌرين ڏانھن نوٽيس جاري ڪندي 11 مئي تي طلب ڪري ورتو، درخواست گذارن موقف اختيار ڪيو ته تعليم کاتي ۾ اڳ ڀرتي لاءِ جاري ڪيل پاليسي تي عمل روڪيو ويو ھو، مارچ ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيڻ بجاءِ نظر انداز ڪيو ويو

درخواست گذارن چيو ته پرائمري استادن جي ھڪ لک 24 ھزار ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ۾ صرف 11 ھزار کان وڌيڪ اميدوار پاس ٿيا ھئا، جي اي ايس ٽي ٽيچر جي 14 ھزار کان وڌيڪ ڀرتي لاءِ صرف ھڪ ھزار اميدوار پاس ٿيا ھئا

درخواست گذارن چيو ته پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي لاءِ اڳ ٽيسٽ پاس ڪندڙ کي نظر انداز ڪري تازو ورتل ٽيسٽ ۾ پاس ڄاڻايلن کي آرڊر ڏنا پيا وڃن، پاس لاءِ طئي ڪيل مارڪن کان تمام گھٽ مارڪون کڻندڙن کي بہ پاس ڄاڻائي آرڊر ڏنا پيا وڃن

درخواست گذارن چيو ته اقليتي ڪوٽا، عورت ڪوٽا توڙي ھارڊ ايريا جي نالي تي طئي ٿيل پاسنگ مارڪ کان تمام گھٽ وارن کي به آرڊر ڏنا پيا وڃن

ھي به پڙھندا

آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو دهل ۽ شرنائين سان احتجاج