انسان ۾ خوشي جو سوئچ

0
128
فضائي آلودگي جا ويم تي اثر

   انساني روين تي ھارمونز جو اثر ماھرن لاءِ ھڪ اھم معاملو آھي. تڏھن به خوشي، غم، ڪاميابي ۽ عادت وغيره جھڙن جذبن ۽ امنگن جي باري ۾ جيڪڏھن انساني دماغ جي فعل جي باري ۾ ڪجھه اندازو ٿي پوي ته گهڻين ڳالھين جي وضاحت ٿي سگهي ٿي.

                 ان سلسلي ۾ ھي خيال ته ڪو اھڙو سوئچ ھجي جنھن کي دٻائڻ سان درد دور ٿي وڃن ۽ خوشي جون لھرون پوري بت ۾ ڦھلجي وڃن ھڪ تمام سنسني خيز خيال آھي. پر حقيقت ۾ ان قسم جو ھڪ سوئچ آھي به ته سھي پر اھو صرف حياتياتي طور وجود رکي ٿو ان کي آن ڪرڻ جا گهڻا سارا طريقا آھن: مثال طور ڪا مٺي يا نمڪين شيءَ کائڻ، يا ڪن ماڻھن کي نشو به وقتي طور خوش ڪري سگهي ٿو ته وري راند روند ۽ آن لائن گيمون به ڪنھن کي ڀرپور نموني سان خوشي سان ڀري سگهي ٿيون. ان کان سواءِ محبت ۽ ميلاپ به انسان جي خوشي واري حياتياتي سوئچ کي آن ڪري سگھي ٿو.

 اھي عمل دماغ جي ميسولمبڪ نظام مان ڊوپائن ھارمون کي خارج ڪن ٿا جنھن کي نيوروٽرانسميٽر چوندا آھن. ھي دماغ جو اھو حصو آھي جنھن کي انعامي رستو به چون ٿا ۽ جيڪو ڪنھن به عمل جو انعام يا ردعمل ڏيندو آھي. پر ڇا ان جو نتيجو خوشي جو احساس آھي؟

 ڊوپامائن گهڻي وقت کان خوشي جي ھارمون طور سڃاتو ويندو آھي پر حقيقت ۾ اھو ھارمون اسان جي ذھن جي ضرورت کي وڌائي ڇڏي ٿو يا اسان کي ڪمي جو احساس ڏياري ٿو.

 چاڪليٽ وات ۾ وجهڻ کان اڳ ئي ڊوپامائن وارا ھارمون ان سوئچ کي آن ڪري ڇڏين ٿا. پھريون ٽڪر کائڻ کان پوءِ  ان جي ڪمي کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان  جو ھٿ ٻئي ٽڪر ڏانھن وڌي ٿو ھن معاملي ۾ ھڪ ٻيو به مسئلو آھي.

جيڪڏھن اسان وقت بوقت سوئچ کي آن ڪندا رھون ٿا ته ان جو اثر ڪي قدر ڪمزور ٿي ويندو آھي ۽ پوءِ ڪنھن ھڪ وقت ۾ ايترو مضبوط خوشي جواحساس نٿو ٿئي ۽ اسان ڪجھه نارمل محسوس ڪندا آھيون ۽ ان کان پوءِ ان سوئچ کي دٻائيندا رھندا آھيون.

 حقيقت ۾ڊوپامائن نشي ۾ ھڪ ھم ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ اھا ڪا حيرت جھڙي ڳالهه نه آھي. جيڪڏھن توھان تمام گهڻو راند ڪريو ٿا يا کيڏو ٿا ته اينڊورفن ھارمون خارج ٿئي ٿو. جنھن ڪري ذھن تازو توانو ٿئي ٿو ۽ جوش پيدا ٿئي ٿو. انھي طرح سان انھي دوران اينڊوڪينابائيونائڊ 7 جو نيڪال ورزش جي ڪري پيدا ٿيڻ واري مسلز جي درد کي به دور ڪري ٿو.

 آڪسيٽوسن تنھن وقت خارج ٿئي ٿو جڏھن ڪو انسان ٻين ماڻھن سان رابطي ۾ اچي ٿو خاص ڪري جڏھن ان کي ڇھجي ٿو. ان جي ذريعي سماجي رابطي جي تعمير ۽ ان کي برقرار رکڻ واري عمل ۾ فائدو ٿيندو آھي. جيئن ته زال مڙس يا نئين ڄاول ٻار جي معاملي ۾ ٿيندو آھي. ان ڪري دماغ ۾ ذھني تحفظ جو احساس پيدا ٿئي ٿو.

 ڪي رانديون ۽ سج جي روشني سيروٽونن ھارمون کي وڌائين ٿيون. ھي ھارمون اطمينان ۽ خوداعتمادي ۾ اضافي جو سببب بڻجي ٿو.

پر اھي تمام سوئچ پاڻمرادو ايئن نٿا ڪم ڪن جيڪڏھن توھان راند ڪرڻ چاھيو ٿا ته توھان کي نظم ضبط جي ضرورت آھي. جيڪڏھن توھان ٻن سان ڳالھيون ڪريو ٿا ته توھا کي فعال ٿيڻو پوندو. صحيح ترغيب سان ئي گهربل مقصد حاصل ٿي ٿو.

 اسان جو ڄاتل سڃاتل ڊوپامائن ان ھارمون کي ضرورت مطابق تبديل ڪري ٿو. ان  کان وڏو الھام جو ڪو به ذريعو نه آھي. ان اسان ڪو به فرق نه ٿو پوي ته ڪو ڪيترو ئي پرڪشش لڳي ٿو خوشي  جو سوئچ ڳولڻ لاءِ ڪو به فائدو نه آھي پر ھڪ کان وڌيڪ وڻندڙ سرگرمين جي ذريعي اسان ان کي آن ڪري سگهون ٿا.