صدرجي ڀٽيون: پيار پرڻو ڪرڻ ڏوهه بڻجي ويو، نوجوان جي گهر تي حملو

0
281

صدرجي ڀٽيون  (ن پ ا) صدرجي ڀٽيون ويجهو ناري شهنيلا ڪلهوڙ جو مبين ڪلهوڙو سان عدالتي پرڻو ڪرڻ ڏوهه ٿي ويو، پرڻي بعد جوڙو دربدر واري زندگي گذاري رهيو آهي

ناري جي وارثن جو نوجوان جي گهر مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن سان لکين رپين جو نقصان ٿيو، نوجوان مبين ڪلهوڙو جي پيءُ مٿان تشدد ڪرڻ بعد ٽريڪٽر ٽرالي به ڦر ڪري ويا، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي احتجاج ڪيو

سهڻل ڪلهوڙو چيو ته پٽ مبين شهنيلا ڪلهوڙو  سان عدالتي پرڻو ڪيو ناري جي وارثن وٽ نياڻيون وٺي قرآن پاڪ کڻي ميڙ کڻڻ باوجود پٽ کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا

هن چيو ته لکين رپين جا سولر پلانٽ تباهه ڪرڻ بعد تشدد ڪري ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪري ويا پوليس فرياد ٻڌڻ لاءِ  تيار ناهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

ڏهرڪي ٿاڻي جو پوليس اهلڪار پراسرار نموني لاپتا