ملڪي سياسي صورتحال: ڊالر 188 رپين کان به چڙهي ويو

0
421
ملڪي سياسي صورتحال

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال دوران ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڊالر 2 رپيا 22 پئسا مهانگو ٿي ڪري 188 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي

انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر بي قابو ٿي ويو آهي ۽ واپار دوران ڊالر 2 رپيا 22 پئسا مهانگو ٿي 188.35 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 188.50 رپين تائين پهچي ويو آهي

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ 100 انڊيڪس 208 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 43903 جي سطح تي آهي

ملڪ ۾ 4 مارچ کان ڊالر جي قيمت ۾ 11 رپين کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ هن وقت تائين رپيو 19.50 سيڪڙو گهٽجي چڪو آهي

ھي به پڙھندا

سون 300 رپيا مهانگو : ڊالر 185.5 رپين تي پهتو