حسين صديقي تي الزام لڳائڻ لاءِ يرغمال بڻايو ويو: بختاور سومرو

0
519

سکر (بيورو رپورٽ) آءِ بي اي سکر خلاف شاگردياڻين جي وڊيو اسڪينڊل وارو مامرو نئون رُخ اختيار ڪري ويو، شاگردياڻي بختاور سومرو طرفان آءِ بي اي جي ڪميٽيز ميمبرز، رجسٽرار ۽ ايس ايس پي سکر عرفان سمون تي سنگين الزام هنيا ويا، بختاور سومرو چيو آهي ته حسين صديقي خلاف وڊيو رڪارڊ ڪرڻ لاءِ مٿس دٻاءُ وڌو ويو، لالچ ۽ ڌمڪين ۾ نه آيس ته ٽن ڏينهن تائين هاسٽل ۾ بند ڪيو ويو، ايس ايس پي عرفان سمون به هاسٽل تي اچي ڌمڪي ڏني ته بيان تبديل نه ڪرڻ جي صورت ۾ مونکي ۽ گهرڀاتين کي مارائي ڇڏيندو، اُن کانپوءِ مجبور ٿي ٻي وڊيو ۾ حسين صديقي مٿان الزام هنيو، ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران شاگردياڻي بختارو سومرو وڏي وزير ۽ وزيراعظم کي مداخلت جي اپيل ڪندي چيو ته آءِ بي اي ۾ ڪرپشن سوڌو شاگردياڻين کي جنسي طور هراسان به ڪيو ويندو آهي، وڊيو اسڪينڊل معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا، مون وٽ وڌيڪ ثبوت آهن، اُهي به ڪميٽي آڏو پيش ڪنديس.