پي ڊي ايم جي نالي سان ٺهيل يونين چئي ٿي ته اسان کي اين آر او ڏيو: وزيراعظم

0
393
ملڪ ۾ ڪير به مقدس ڳئون نه آهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم جي نالي سان ٺهيل يونين چئي ٿي ته اسان کي اين آر او ڏيو، سڄي ملڪ ۾ گوڙ آهي ته اسان قانون کان مٿي آهيون ۽ حساب ورتو پيو وڃي، اشرافيا جي ننڍي طبقي سڄي نظام کي گهيري ورتو آهي، هڪ مائينڊ سيٽ آهي ته پاڪستان رڳو ننڍي طبقي جو آهي، اسان جي انصاف جو نظام طاقتور کي پڪڙي نٿو سگهي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احتساب تي گوڙ ڪندڙ ٽن ڏهاڪن کان حڪومت ڪري رهيا هئا، اقتدار ۾ اچڻ بعد ارب ۽ کرب پتي ٿي ويا پر حساب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، اُهي پاڻ کي قانون کان مٿي سمجهن ٿا، لاهور ۾ هائوسنگ اسڪيم تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته پگهاردار طبقو، سرڪاري ملازم ۽ پورهيت ڊفينس يا بحريه ٽائون ۾ گهر نٿا وٺي سگهن، اڌ ڪراچي ۾ ڪچي آباد آهي، جتي ڪي به بُنيادي سهولتون ناهن، قبضا مافيا حڪومت ۽ غريب ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪندي آهي، 50-50 سال ڪيسز هلڻ سبب قبضا گروپ سگهارو ٿي ويو آهي، جج، پوليس ۽ قبضا گروپ گڏجي وڃن ٿا..