دادو/حيدرآباد/پيارو اسٽيشن (نمائندن وٽان ) عظيم شاعر استاد بخاري جو ڀاءُ مشهور آرڪيالاجسٽ ۽ اديب سيد حاڪم علي شاھ عيد الفطر جي ڏينهن سيوهڻ جي اسپتال ۾ ساهه جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي تدفين واڌن شاھ ۾ استاد بخاري جي ڀرسان ڪئي وئي، سندس آخري رسمن ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ، اديبن ، شاعرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيد حاڪم علي شاھ سنڌ جي قديم آثارن جي عبور رکندڙ هو ۽ 20 سال اڳ ڊائريڪٽر آرڪيالاجسٽ تان رٽائرمنٽ ورتي ۽ ادب سان سلهاڙيل رهيو ، سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي چٽو موقف رکڻ سبب کيس مڃتا ملي، ٻي طرف سيد حاڪم شاهه جي لاڏاڻي تي ساس شاخ پيارو اسٽيشن پاران هڪ هفتو سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۽ سنڌي ادبي سنگت نامياري آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري ۽ ناليواري شاعر بشير منگي جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ۽ سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل چيو آهي ته سيد حاڪم علي شاھ بخاري سنڌ جي قديم آثارن تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو، سندس وڇوڙي تحقيق جي ميدان ۾ وڏو خال پيدا ڪيو آهي جيڪو ڀرجڻ مشڪل آهي. هنن سنڌي ٻولي جي ناليواري شاعر بشير منگي جي وڇوڙي تي پڻ ڏک جو اظهار ڪيو. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري اعجاز شاھ، عورت جوائنٽ سيڪريٽري رخسانا پريت، خزانچي مارو جمالي، آڊيٽر سجاد ميراڻي ۽ مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙي پڻ سنڌ جي نامياري اديب، آرڪيالاجسٽ ۽ تاريخدان سيد حاڪم علي شاھ بخاري جي اوچتي وڇوڙي تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي