ڪراچي (م ڊ) پوري ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. ڪورونا ايس اوپيز جي ڪري اڪثر ماڻهن پنهنجي گهرن ۾ رهي عيد ملهائي، دعوتن ۽ گهمڻ ڦرڻ کان پاسو ڪيو پر ڪجهه جاين تي ايس او پيز تي عمل نظر نه آيو ۽ ناشتي جي دڪانن تي رش رهي. انتظاميا ايس ايو پيز تي عمل نه ڪندڙن خلاف ايڪشن به کنيو پئي. حيدرآباد، ڪراچي، سکر، دادو، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، سانگهڙ، مٽياري، سيوهڻ، ٽنڊوڄام، ٽنڊو محمد خان سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا، ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.