اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت پنجاب ۾ عيد جي موڪلن کانپوءِ ڪورونا ويڪسينيشن لڳائڻ جي ٻيهر شروعات ٿي وئي آهي. پنجاب حڪومت جي پرائمري اينڊ سيڪنڊري هليٿ ڪيئر کاتي پنجاب جو چوڻ آهي ته عيد جي ٻن موڪلن کانپوءِ پنجاب ۾ ويڪسينيشن جو سلسلو اڄ کان ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته ويڪسينيشن سينٽرز اڄ صبح 8 وڳي کان شام اٺين لڳي تائين کليل رهندا.