ڪابل(م ڊ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل جي مسجد ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ امام سميت 12 نمازي شهيد ٿي ويا، ڌماڪو جمعي جي نماز جي ادائيگي دوران ڪيو ويو. افغان پوليس جي ترجمان موجب ڪابل جي ضلعي شڪردره ۾ مسجد جي اندر ڌماڪو ڪيو ويو. اختيارين موجب ڌماڪي وقت مسجد ۾ جمعي نماز جي ادائيگي جاري هئي، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 نمازي شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا جن ۾ مسجد جو امام به شامل آهي. افغان طالبان طرفان واقعي جي مذمت ڪندي الزام هنيو ويو آهي ته اِهو وحشياڻو قدم ڪابل انتظاميا جي مذهبي مخالف ڏوهن جو هڪ وڏو حصو آهي.