صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) بلدياتي اليڪشن 2022ع ۾ جي ڊي اي جي هارايل اميدوار نديم ڪلهوڙو جي فرياد تي پ پ جي يوسي چيئرمين منظور حسين ڪلهوڙو سميت 18 سڃاتل ۽ 10 اڻ سڃاتل ماڻهن مٿان احمدپور ٿاڻي تي جهيڙي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فريادي ڄاڻايو آهي ته اليڪشن ۾ ٻي برادري جو اميدوار بيهارڻ تان منظور حسين ڪلهوڙو ڏمريل هو، جنهن روڊ تي 30 لٺ بردار ماڻهون بيهاري حملو ڪري سخت زخمي ڪيو، نديم ڪلهوڙو جي فرياد تي پ پ پ منظور ڪلهوڙو، فهد علي، قدير احمد، ڪليم الله، عمران احمد سميت 28 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.