حيدرآباد ۾ قتل ٿيل شاگردياڻي، سندس ڀاءُ ۽ جوابدار جا موبائل گم، ڪيس به داخل نه ٿيو

0
81

حيدرآباد ۾ قتل ٿيل شاگردياڻي، سندس ڀاءُ ۽ جوابدار جا موبائل گم، ڪيس به داخل نه ٿيو

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ قتل ٿيل شاگردياڻي، سندس ڀاءُ ۽ جوابدار جا موبائل گم، قاسم آباد ۾ قتل ٿيل قانون  جي شاگردياڻي ۽ سندس ڀاءُ کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو

يسرا بتول پٺاڻ جي قتل ۽ سندس ڀاءُ  آڪاش پٺاڻ کي زخمي ڪرڻ واري معاملي  جي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي، واقعي واري هنڌ تان يسريٰ بتول،  سندس ڀاءُ ۽ آپگهات ڪندڙ جوابدار  جا موبائل پوليس هٿ نه ڪري سگهي

ذريعن موجب پوليس مبينا آپگهات ڪندڙ جوابدار ارشاد  کوکر جو موبائل کڻندي هڪ شهري جي وڊيو  هٿ ڪرڻ بعد ڳولا شروع ڪري ڇڏي

زخمي شاگرد آڪاش پٺاڻ جي حالت بدستور خراب، وينٽيليٽر تي علاج جاري آهي، اي ايس پي بدليا موجب جوابدار ارشاد کوکر جو موبائيل  فون واقعي واري هنڌان گم ٿيو هو

راڻا محمد دلاور موجب موبائيل فون جي ڳولا واقعي واري  هنڌان هٿ ڪيل وڊيوز ذريعي  ڪئي پئي وڃي

اي ايس پي شاگردياڻي يسرا بتول ۽ سندس ڀاءُ آڪاش پٺاڻ جي موبائيل  فون گم ٿيڻ جي تصديق نه ڪئي