گهوٽڪي: رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ هڪ ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت بعد پوليس ڏوهارين جي خاتمي لاءِ پلان جي تياري شروع ڪري ڇڏيو آهي
ايس ايس پي گهوٽڪي آءِ جي سنڌ کي خط لکي ڪچي جي 6 ٿاڻن تي ڊيوٽي ڪندڙ 678 اهلڪارن کي الائونس ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي
ايس ايس پي گهوٽڪي خط ۾ سفارش ڪئي ته ڊيوٽي ڪندڙ سمورن اهلڪارن جي حاضري جديد سسٽم ذريعي يقيني بڻائي هر هڪ پوليس اهلڪار کي 20 هزار روپيا الائونس ڏنو وڃي
خط جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته وسطي جيوڻ شاهه، ٻيلو ميرپور، آندل سندراڻي، ڪچو ٻنڊي ون ۽ ٽو سميت گيمڙو ٿاڻن جا اهلڪار ڪچي ۾ هجڻ سبب خطرن کي منهن ڏين ٿا
ھي به پڙھندا
پوليس تي حملي ۾ ڌاڙيل راحب شر ۽ سومر شر وارو ٽولو ملوث آھي: ايس ايس پي گھوٽڪي
گھوٽڪي جي ڪچي ۾ ٽائيم نيوز جي ٽيم پاران پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلي بعد صورتحال جي بھادري سان ڪوريج